شريعت جو دور 4:32 - Muslim Sindhi Bible32 ”جڏهن کان خدا ڌرتيءَ تي انسان کي پيدا ڪيو تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪو زمانو اوهان کان اڳي گذريو آهي، تنهن بابت اوهين پڇا ڪريو. ڪائنات جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين معلوم ڪريو تہ هن عظيم ڪم جهڙو ڪو ٻيو ڪڏهن ٿيو، يا ٻڌڻ ۾ آيو آهي؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible32 ڇالاءِ تہ جڏهن کان خدا زمين تي انسان کي پيدا ڪيو، تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪو زمانو تو کان اڳي گذريو آهي، تنهن بابت تون زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پڇا ڪر، تہ هن عظيم ڪم جهڙو ڪو ٻيو ڪڏهن ٿيو، يا ٻڌڻ ۾ آيو آهي؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي؟ يعني اهي ماڻهو جن کي تو خدا پاڻ پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ غلاميءَ مان ڇڏايو. تو پنهنجي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، تن سڄيءَ دنيا ۾ تنهنجو نالو ظاهر ڪيو، جڏهن تو انهيءَ قوم کي پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ اتي جي قومن ۽ سندن معبودن جي غلاميءَ مان ڇڏائي مصر منجھان ٻاهر ڪڍي آندو.