Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پعور واري بعل معبود جي واقعي ۾ جيڪي خداوند ڪيو، سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو. جيڪي ماڻهو انهيءَ معبود جي پٺيان لڳا، تن سڀني کي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي وچ مان برباد ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 بعل فغور جي ڪري جيڪي خداوند ڪيو، سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو: ڇالاءِ تہ جن ماڻهن بعل فغور جي پيروي ڪئي، تن سڀني کي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي وچ مان برباد ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:3
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ جي بدران مون بيابان ۾ سندن نوجوان نسل کي خبردار ڪري چيو تہ ’اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي قاعدن قانونن تي نہ هلو، نڪي سندن ريتن رسمن تي عمل ڪريو ۽ نہ وري انهن جي بتن جي پوڄا ڪري پاڻ کي پليت ڪريو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.


انهن ۾ اهڙو هڪڙو بہ ماڻهو موجود ڪونہ هو، جنهن کي موسيٰ ۽ هارون پهرئين دفعي سينا جي بيابان ۾ شمار ڪيو هو.


انهن عورتن ئي تہ بلعام جي چوڻ تي پعور واري ڳالهہ ۾ قوم کي پنهنجي خداوند کان ڦيري ڇڏيو هو، جنهن ڪري خداوند جي قوم ۾ وبا پيئي هئي.


خداوند جيڪي بہ وڏا وڏا ڪم ڪيا، سي سڀ اوهان پنهنجي اکين سان ئي ڏٺا.“


پر اوهين جيڪي خداوند پنهنجي خدا سان چُهٽيل رهيا، تن مان هر ڪو اڄ ڏينهن تائين جيئرو آهي.


پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا اسان جي لاءِ ڪو ٿورو گناهہ آهي ڇا، جنهن جي ڪري خداوند جي قوم تي آفت اچي ڪڙڪي؟ اڄ ڏينهن تائين اسين انهيءَ گناهہ جي ڪري لوڙي رهيا آهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ