Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تنهنڪري اوهين خبردار ٿجو، متان اهو عهد جيڪو خداوند اوهان جي خدا اوهان سان ٻڌو آهي، سو وساري ڇڏيو ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي نموني واري شڪل ٺاهيو، جنهن جي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي منع ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 اوهين پنهنجي سنڀال ڪجو، متان جيڪو عهد خداوند اوهان جي خدا اوهان سان ڪيو آهي، سو اوهين وساري ڇڏيو، ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي نموني جي اُڪريل شڪل جوڙيو، جنهن جي خداوند تنهنجي خدا توکي منع ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:23
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو عهد هن اوهان سان ٻڌو آهي سو اصل نہ وسارجو.


هو ابد تائين پنهنجي عهد کي ياد رکڻ وارو آهي، يعني انهيءَ واعدي کي جيڪو هزار پيڙهين لاءِ هن فرمايو هو،


جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪريو. غير معبودن جي پوڄا نہ ڪريو بلڪ انهن جي نالي جو ذڪر بہ نہ ڪريو.“


بيشڪ ڌرتي پنهنجي رهاڪن جي ڪري پليت ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو شريعت جون حدون لنگھي ويا آهن. هنن خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪئي آهي، ۽ سندس ٻڌل دائمي عهد ٽوڙي ڇڏيو اٿائون.


اي اوهين! جيڪي نٺر ڌيءَ مثل آهيو، ڪيستائين پيا رلندا رهندا؟ خداوند دنيا ۾ هڪڙي نئين ڳالهہ پيدا ڪئي آهي، جيڪا هن مثال جهڙي آهي جو عورت کي مرد جو محافظ بڻايو وڃي.


خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! آءٌ تو سان اهڙو ئي هلندس، جنهن جي تون لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي قسم کي حقير ڄاڻيندي عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.


سو آءٌ اندر گھڙي ويس ۽ جيئن ئي نهاريم تہ ڇا ڏسان تہ اتي هر قسم جي سرندڙ جيتن ۽ ناپاڪ حيوانن، يعني انهن سمورن مڪروهہ ديوتائن جون شڪليون چوڌاري ڀتين تي نقش ٿيل آهن جن جا بني اسرائيل پوڄاري بڻيا هئا.


مون پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي شريعت يعني اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي سينا جبل تي بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن لاءِ ڏنا هئا، تن سڀني تي اوهين عمل ڪريو.


اهي ڦندڻ اوهان کي يادگيريءَ جو ڪم ڏيندا. جنهن بہ وقت اوهان جي نظر انهن تي پوندي تہ اوهان کي مون خداوند جا سڀ حڪم ياد ايندا ۽ اوهين انهن تي عمل ڪندا. پوءِ اوهين مون کان منهن موڙي پنهنجي نفساني خواهشن جي پٺيان نہ ويندا.


عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”هوشيار رهو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ نہ ڪري،


پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“


عيسيٰ چين تہ ”هوشيار رهو، متان گمراهہ ٿي وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ هر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آهيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اهو وقت اچي پهتو آهي.‘ پر متان انهن جي پيروي ڪئي اٿوَ.


نڪي اوهين پوڄا لاءِ ڪو پٿر ئي کڙو ڪجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا کي انهن کان نفرت آهي.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو تراشي يا پلٽي هٿرادو مورتي جوڙي ٿو، جنهن کان خدا کي نفرت آهي ۽ پوءِ هو انهيءَ کي پوڄا لاءِ ڪنهن لڪل جاءِ تي ٿو رکي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون ’آمين.‘


پوءِ موسيٰ ۽ لاوي ڪاهنن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! ماٺ ڪري ٻڌو. اڄوڪي ڏينهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي قوم بڻجي ويا آهيو.


تنهن تي ماڻهو وراڻيندا تہ ’انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عهد کي ڇڏي ڏنو هو، جيڪو هن کين مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍڻ وقت ساڻن ٻڌو هو.


انهيءَ سبب جو تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهيءَ آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ پهچائيندس، جنهن بابت مون سندن ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو ۽ جتي هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا، تڏهن هو غير معبودن ڏانهن ڦرندا، انهن جي پوڄا ڪندا، مون کي حقير ڄاڻيندا ۽ منهنجو عهد ڀڃي ڇڏيندا.


مثال طور جڏهن اوهان منجھان ٻار ۽ ٻارن جا ٻار پيدا ٿيندا ۽ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ رهندي گھڻو عرصو ٿي ويندو، پوءِ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي خراب ڪري ڪنهن شيءِ جي شڪل بڻائيندا ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نظر ۾ اهڙو خراب ڪم ڪري کيس ڪاوڙائيندا،


سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.


خداوند اسان جي خدا سينا جبل وٽ اسان سان عهد ٻڌو.


تڏهن خبردار ٿجو، متان پنهنجي خداوند کي وساري ڇڏيو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رهجو، متان اوهان مان ڪنهن جي دل بڇڙي ۽ بي‌اعتبار ٿي زندہ خدا کان ڦري وڃي.


سو اوهين خداوند پنهنجي خدا سان ئي محبت رکڻ ۾ خبردار رهو.


جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهد جي ڀڃڪڙي ڪندا، جنهن تي قائم رهڻ جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي ۽ وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ کين سجدو ڪندا، تہ پوءِ خداوند جي ڪاوڙ اوهان تي ڀڙڪندي ۽ اوهين انهيءَ چڱي ملڪ مان جلد ناس ٿي ويندا جيڪو هن اوهان کي ڏنو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ