Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:22 - Muslim Sindhi Bible

22 سو آءٌ هن ئي ملڪ ۾ مري ويندس ۽ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ ويندس. مگر اوهين پرينءَ ڀر ويندا ۽ انهيءَ چڱي ملڪ جا وارث ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 سو آءٌ ضرور هن ملڪ ۾ مرندس، ۽ يردن جي پرئين ڀر نہ ويندس: پر اوهين وڃي انهي چڱي ملڪ تي قبضو ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”مون دنيا جي سڀني قومن مان رڳو اوهان کي ئي چونڊيو آهي. تنهنڪري آءٌ ئي اوهان کي اوهان جي سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.“


انهيءَ ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ تون بہ پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين،


ڇاڪاڻ تہ صين جي بيابان ۾ اوهين ٻيئي منهنجي حڪم جي خلاف هليا. جڏهن سڄيءَ قوم پاڻيءَ جي چشمي مريباہ وٽ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي، تڏهن اوهان هنن جي اڳيان منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي.“ صين جي بيابان ۾ قادش وٽ مريباہ نالي پاڻيءَ جو هڪ چشمو آهي.


”مديانين کان بني اسرائيل جو وير وٺ. وير وٺڻ کان پوءِ تون وفات ڪري پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين.“


اوهان جي ئي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو ۽ چيائين تہ ’موسيٰ! تون بہ انهيءَ زمين ۾ داخل ڪين ٿيندين.


آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي پار وڃڻ ڏي تہ آءٌ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر وارو چڱو ملڪ، سهڻو جابلو علائقو ۽ لبنان وڃي ڏسان.‘


تون پسگاہ جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃ ۽ چئني طرفن ڏانهن نهاري پنهنجين اکين سان ڏس، ڇاڪاڻ تہ تون انهيءَ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ ويندين.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هاڻي تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجھا آيا آهن، سو يشوع کي سڏ ۽ پوءِ اوهين ٻيئي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ اچي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي هدايتون ڏيان.“ تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ حاضر ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ