Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:21 - Muslim Sindhi Bible

21 اوهان جي ڪري خداوند مون سان بہ ڪاوڙيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ’تون اردن درياءَ جي اولهہ طرف نہ ويندين ۽ نہ وري انهيءَ چڱي ملڪ ۾ داخل ٿيندين، جيڪو آءٌ خداوند سندن خدا کين ورثي طور ڏيندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 انهي کان سواءِ خداوند اوهان جي ڪري مون سان ڪاوڙيو، ۽ قسم کڻي چيائين، تہ تون يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ڪين ٿيندين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:21
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي ڇينڀيندي چيو تہ ”جيئن تہ اوهان مون تي يقين نہ ڪيو تڏهن اوهان بني اسرائيل جي اڳيان منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي. تنهنڪري اوهين هن قوم کي انهيءَ ملڪ ۾ نہ پهچائيندا جيڪو آءٌ هنن کي ڏيڻ وارو آهيان.“


اوهان جي ئي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو ۽ چيائين تہ ’موسيٰ! تون بہ انهيءَ زمين ۾ داخل ڪين ٿيندين.


پر اڃا تائين اوهين انهيءَ آرام ۽ ميراث واري هنڌ تي ڪونہ پهتا آهيو، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي.


اوهان منجھہ ڪوبہ غريب ڪين هوندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ ضرور برڪت ڏيندو، جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي.


پر جن قومن جا شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏجو.


تہ انهيءَ جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي. پر اوهين انهيءَ کي ساڳئي ئي ڏينهن دفن ڪري ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي سو خداوند جي طرفان لعنتي آهي. سو ائين نہ ٿئي جو جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن کي اوهين ناپاڪ ڪريو.“


تہ پوءِ سندس پهريون مڙس جنهن ڪڍي ڇڏيو هئس، سو هن جي بي‌آبرو ٿيڻ کان پوءِ وري کيس پنهنجي زال نہ بڻائي، ڇو تہ اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ نفرت جهڙو آهي. سو اوهين انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي اهڙو گناهہ ٿيڻ نہ ڏجو.“


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري منجھس رهڻ لڳو،


پر اوهان جي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيل هو، تنهنڪري منهنجي نہ ٻڌائين. اٽلندو مون کي چيائين تہ ’تنهنجي لاءِ ايترو ڪافي آهي، سو انهيءَ ڳالهہ بابت مون کي وڌيڪ نہ چئُہ.


پوءِ کين وڌيڪ چيائين تہ ”اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهہ سال ٿي چڪي آهي، هاڻي آءٌ وڌيڪ اوهان جي اڳواڻي ڪري نہ ٿو سگھان. ٻيو تہ خداوند بہ مون کي چيو آهي تہ ’تون اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر بلڪل نہ ويندين.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ