Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 يا جڏهن تون آسمان ڏانهن نهارين، ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان جي ساري خلقت کي ڏسي گمراهہ ٿين ۽ انهن کي سجدو ڪرين، ۽ انهن جي عبادت ڪرين، جن کي خداوند تنهنجي خدا زمين جي سڀني قومن لاءِ رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:19
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”آسمان جي حد ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن ۽ اُهي مندن، ڏينهن ۽ سالن جي شروع ٿيڻ جو وقت ظاهر ڪن.


اهڙيءَ طرح زمين ۽ آسمان جي پيدائش جو ڪم پورو ٿيو.


هنن خداوند پنهنجي خدا جا سمورا حڪم وساري ڇڏيا ۽ پنهنجي لاءِ ٻہ پلٽيل گابا ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ٺاهيائون. هو آسمان جي ستارن اڳيان سر جھڪائڻ لڳا ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ لڳا.


هن اهي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن وارا پوڄا گھر وري تعمير ڪرايا، جيڪي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيا هئا. هن بعل ديوتا لاءِ پڻ قربان‌گاهون ٺهرايون ۽ يسيرہ ديويءَ جو هڪڙو ٿنڀو بہ ٺهرايائين، جهڙيءَ طرح اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ڪيو هو. هن آسماني سيارن ۽ ستارن جي پوڄا بہ ڪئي.


يهوداہ جي بادشاهن طرفان سج ديوتا جي لاءِ نذراني طور ڏنل گھوڙا جيڪي هيڪل جي دروازي وٽ ناتنملڪ عملدار جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان اڱڻ ۾ بيٺا هوندا هئا سي يوسياہ اتان ڪڍرائي ڇڏيا. سج ديوتا لاءِ نذر ڪيل گھوڙي گاڏيون ساڙائي ڇڏيائين.


هن ٽڪرين تي ٺهيل اهي غير معبودن وارا پوڄا گھر وري تعمير ڪرايا جيڪي سندس پيءُ حزقياہ ڊهرائي ڇڏيا هئا. هن بعل ديوتائن لاءِ قربان‌گاهون ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا بہ ٺهرايا ۽ آسماني سيارن ۽ ستارن جي پوڄا ڪندي کين سجدو ڪيائين.


رڳو تون ئي خداوند آهين. تون عرش عظيم ۽ آسمان ۽ ان جي سڀني گرهن ۽ سيارن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون سمنڊن ۽ جيڪي ڪجھہ منجھن آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. هر ڪا شيءِ تنهنجي ئي وسيلي قائم آهي. آسماني مخلوق پڻ تنهنجي عبادت ڪري ٿي.


توڙي جو انهن جي نڪي ٻولي ٿي ٻڌجي، نہ ڪو لفظ، ۽ نہ ئي وري انهن جو ڪو آواز ٻڌجڻ ۾ ٿو اچي،


اهو جنهن سج کي ڏينهن جي روشنيءَ لاءِ ۽ چنڊ ۽ تارن کي رات جي روشنيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي، اهو، جيڪو سمنڊ ۾ هلچل پيدا ٿو ڪري، جنهن سان ان جون ڇوليون گجگوڙ ڪن ٿيون، تنهن جو ئي نالو قادرِمطلق خداوند آهي،


مون خداوند جهڙيءَ طرح ڏينهن ۽ رات توڙي زمين ۽ آسمان جو هڪ اڻٽٽ نظام ۽ قاعدو قانون مقرر ڪيو آهي،


سندن اهي هڏا سج، چنڊ ۽ آسمان جي ستارن اڳيان پکيڙيا ويندا، جن سان کين محبت هئي ۽ جن جي خدمت ۽ پوڄا ڪندا هئا ۽ جن جي پٺيان لڳي کين سجدا ڪندا هئا. اهي هڏا دفن ڪرڻ لاءِ ميڙي گڏ نہ ڪيا ويندا بلڪ گند ڪچري وانگر زمين تي پکڙيا پيا هوندا.


هن ڪڏهن بہ بتن تي قربان ڪيل گوشت نہ کاڌو هجي ۽ نہ وري اوهان بني اسرائيل جي بتن جي پوڄا ڪئي هجائين. هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي بي‌حرمتي نہ ڪئي هجي ۽ نہ وري ڪنهن عورت جي حيض واري وقت ۾ ساڻس ستو هجي.


پوءِ هو مون کي پنهنجي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. ڇا ڏسان تہ اتي خداوند جي هيڪل جي دروازي وٽ، ورانڊي ۽ قربان‌گاهہ جي وچ ۾ اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا آهن، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏانهن هيون ۽ سندن منهن اوڀر طرف هئا. اهڙيءَ طرح هنن اڀرندڙ سج جي پوڄا ٿي ڪئي.


آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي گھرن جي ڇتين تي آسماني ستارن ۽ سيارن کي سجدا ٿا ڪن، ۽ انهن کي بہ جيڪي مون خداوند کي سجدو تہ ڪن ٿا، ۽ منهنجي تابعداريءَ جي دعويٰ ڪن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ هو مولڪ ديوتا جو بہ قسم کڻن ٿا.


تہ جيئن اوهان جو پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن جا اوهين ٻار ٿيو. هو چڱن توڙي بڇڙن تي پنهنجو سج هڪجهڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن توڙي بدڪارن ٻنهي تي هڪجهڙو مينهن وسائي ٿو.


تنهن تي خدا انهن کان منهن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آسمان جي لشڪر جي پوڄا ڪن، جيئن نبين جي هڪ لکت ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوهان منهنجي لاءِ بيابان ۾ چاليهن سالن تائين جانور ڪهي قربانيون ڏنيون؟ ڪڏهن بہ نہ.


انهن خدا جي سچائيءَ کي ڇڏي ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ خدا جي خلقيل شين کي عزت ڏيئي انهن جي پوڄا ڪئي. هائو، خالق کي ڇڏي ڏنائون، جنهن جي واکاڻ شل هميشہ ٿيندي رهي. آمين.


اوهين انهيءَ کي سنگسار ڪجو تہ جيئن هو مري وڃي، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان جتي اوهين غلام هئا، ٻاهر ڪڍي آندو، تنهن کان هن اوهان کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.


انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو جتي اوهين غلام هئا، تنهن جي خلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي. سندس مقصد اهو هو تہ اوهان کي انهيءَ رستي کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري، جنهن رستي تي هلڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي وچ مان اهڙي بڇڙائيءَ کي ڪڍي ڇڏجو.


وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪئي هجيس، يا سج، چنڊ يا سمورين آسماني شين مان ڪنهن کي بہ سجدو ڪيو هجيس، جنهن کان هن اوهان کي روڪيو آهي.


يا زمين تي سرندڙ ڪنهن جيت يا پاڻيءَ ۾ رهندڙ ڪنهن مڇيءَ جي صورت ٺاهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ