Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:11 - Muslim Sindhi Bible

11 سو اوهين ويجھا اچي انهيءَ جبل جي هيٺان بيٺا. اهو جبل اونداهي دونهين جي گھاٽن بادلن سان ڍڪيل هو ۽ انهيءَ جي مٿان آسمان جي اندر تائين باهہ پئي ٻري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 سو اوهين ويجها اچي انهي جبل جي هيٺان بيٺا؛ ۽ جبل باهہ سان ٻرڻ لڳو ۽ انهيءَ جا ڀڙڪا آسمان تائين پهچڻ لڳا، ۽ انهي جي آس پاس اوندهہ، بادل، ۽ انڌوڪار هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:11
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند آسمان کي چيري اچي نازل ٿيو، هن جي پيرن هيٺان طوفاني ڪڪر هئا.


زلزلي کان پوءِ باهہ آئي، پر خداوند باهہ ۾ بہ ڪونہ هو. باهہ کان پوءِ هڪڙو سس پس جهڙو هلڪو آواز آيو.


هن پنهنجي چوڌاري اونداهيءَ جو پردو کڙو ڪيو، هائو، هن پاڻ کي پُرآب ڪارن ڪڪرن سان کڻي ڍڪيو.


هو گھُگھُہ اونداهي ڪڪر جي پردي وچان سچائيءَ ۽ انصاف سان بادشاهي ڪري ٿو.


اتي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گھاٽي ڪڪر ۾ ايندس، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو مون کي تو سان ڳالهيون ڪندي ٻڌن ۽ سدائين تو تي اعتبار ڪندا رهن.“ تڏهن موسيٰ ماڻهن جون ڳالهيون خداوند کي ٻڌايون.


تڏهن خداوند باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو. اوهان ڳالهائڻ جو آواز تہ ٻڌو پر شڪل ڪانہ ڏٺي، رڳو آواز ئي ٻڌو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اوهان انڌوڪار جي وچ مان آواز ٻڌو ۽ جبل کي باهہ سان ٻرندي ڏٺو، تڏهن اوهان جي قبيلن جا سردار ۽ اوهان جا اڳواڻ مون وٽ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ