سو جيئن خدا الياس جي معرفت فرمايو هو تيئن ئي بادشاهہ اخزياہ مري ويو. جيئن تہ اخزياہ کي ڪو پٽ ڪونہ هو، انهيءَ ڪري يهوداہ جي بادشاهہ يهورام ولد يهوسفط جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال ۾، اخزياہ جو ڀاءُ يورام سندس تخت تي ويٺو.
خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.
جنهن جبل تي تون چڙهڻ وارو آهين تنهن تي تون وفات ڪندين ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين، جهڙيءَ طرح تنهنجو ڀاءُ هارون هور جبل تي مري ويو ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏيو.
هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ رسول آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ٿيو آهي.