Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 34:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هن کيس ڏکڻ وارو علائقو ۽ اردن ماٿري، يعني کجين جي وڻن واري شهر يريحو جي ماٿريءَ وارو ميدان ڏاکڻي شهر صوعر تائين ڏيکاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ ڏکڻ جو ملڪ، ۽ کجين جي وڻن واري شهر يريحو جي ماٿريءَ وارو ميدان ضغر تائين ڏيکاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 34:3
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لوط چوگرد نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اردن ماٿريءَ جو سڄو ميدان جيڪو صغر شهر تائين آهي، تنهن کي مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر ريج ڏنل هو. اها اُها ئي جاءِ هئي جيڪا خداوند جي سدوم ۽ عموراہ کي برباد ڪرڻ کان اڳ ۾ هئي.


پنجن ٻين بادشاهن هر هڪ، سدوم جي بادشاهہ برع، عموراہ جي بادشاهہ برشع، ادمہ جي بادشاهہ شِناب، ضبوئيم جي بادشاهہ شميبر ۽ بالع يعني صغر شهر جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي.


پوءِ سدوم، عموراہ، ادمہ، ضبوئيم ۽ بالع يعني صغر شهرن جي بادشاهن سديم ماٿريءَ ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ پنهنجيون فوجون ڪڍيون.


هاڻي جلدي ڪر، اوڏانهن ڀڄي وڃ. جيستائين تون اتي نہ پهچندين تيستائين آءٌ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪري سگھان.“ سو انهيءَ شهر جو نالو صغر پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ لوط ان کي ننڍڙو ڪوٺيو.


تڏهن ڪن ماڻهن کي مقرر ڪيو ويو تہ هو قيدين جي سنڀال ڪن. انهن لٽ جي مال مان اُگھاڙن قيدين کي ڪپڙا پهرايا، کين جتيون پائڻ لاءِ ڏنائون، کين کاڌو کارايائون ۽ سندن زخمن جي ملم پٽي پڻ ڪيائون. انهن مان جيڪي ڪمزور هئا تن کي گڏهن تي چاڙهيو ويو. اهڙيءَ طرح سڀني قيدين کي يهوداہ ۽ اسرائيل جي سرحد وٽ کجين واري شهر يريحو ڏانهن واپس آندو ويو. پوءِ اسرائيل وارا سامريہ ڏانهن موٽي ويا.


اوهان جو ڏکڻ وارو حصو صين جي بيابان تان ٿيندو، جيڪو ادوم جي سرحد تي آهي. انهيءَ حصي جي سرحد جو اوڀر وارو پاسو کاري سمنڊ جي ڏاکڻي ڇيڙي کان شروع ٿيندو.


موسيٰ جي ساهراڻي خاندان مان قينيءَ جو اولاد کجين واري شهر يريحو مان بني يهوداہ سان گڏجي يهوداہ جي بيابان ۾ ويو جيڪو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي. هو اتي وڃي عماليقين سان رهڻ لڳا.


عمون ۽ عماليق قبيلن کي عجلون پاڻ سان ملايو ۽ پوءِ انهن وڃي بني اسرائيل کي شڪست ڏني ۽ کجين واري شهر يريحو تي قبضو ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ