Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 33:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ ۽ هر قبيلو اتي گڏ ٿيو، تڏهن خداوند اچي پنهنجي پيارن جو بادشاهہ بڻيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جڏهن اُمت جا رئيس، ۽ اسرائيل جا سڀ قبيلا اچي گڏ ٿيا، تڏهن هو يسورون ۾ بادشاهہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 33:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني اسرائيل جي ڪنهن بادشاهہ جي حڪومت هلائڻ کان اڳ جن بادشاهن ادوم جي ملڪ تي بادشاهي ڪئي سي هي آهن:


بيشڪ اي خداوند! ازل کان ابد تائين، رڳو تنهنجي بادشاهي آهي.“


تنهن کان سواءِ جڏهن هنن ۾ ڪو جھيڙو ٿو ٿئي تڏهن بہ هو مون وٽ ٿا اچن. آءٌ انهن ٻنهي جو فيصلو ٿو ڪريان ۽ کين خدا جي قاعدن قانونن مان واقف ٿو ڪريان.“


هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، آءٌ تو کي سٺي صلاح ٿو ڏيان، تہ جيئن خدا تو ساڻ هجي. تنهنجي لاءِ چڱو آهي تہ تون ماڻهن جي پاران خدا ڏانهن عيوضي ٿي ويندو ڪر ۽ انهن جا سڀ معاملا خدا جي آڏو پيش ڪندو ڪر.


آءٌ خداوند آهيان جنهن اوهان کي خلقيو آهي. اوهان جي ڄمڻ واري ڏينهن کان ئي مون اوهان جي سنڀال پئي ڪئي آهي. سو اي بني اسرائيل! اوهين ڊڄو نہ، اوهين منهنجا ٻانها آهيو، منهنجي چونڊيل قوم، جنهن سان آءٌ پيار ٿو ڪريان.


خداوند خدا بني يعقوب جو بادشاهہ آهي، ۽ هو ساڻن گڏ رهي ٿو. سو هو بني اسرائيل کي هر مشڪل ۽ مصيبت کان دور ٿو رکي.


پر خدا جا اهي پيارا جڏهن کائي پئي ٿلها متارا ٿيا، تڏهن سندن پيٽ ڀرجي ويو ۽ اهي لتون هڻڻ لڳا. پوءِ جنهن خدا کين جوڙيو هو تنهن کي ڇڏي ڏنائون، ۽ پنهنجي انهيءَ طاقتور ڇڏائيندڙ کي حقير ڄاتائون.


پوءِ موسيٰ سڄي بني اسرائيل کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي خدا جا پيارؤ! اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو عرش کان ڪڪرن تي حشمت سان سوار ٿي اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ اچي ٿو.


انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل تي ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو. سو جنهن کي جيڪي وڻيو ٿي تنهن سو ئي ڪيو ٿي.


تنهن بعد بني اسرائيل جي ماڻهن جِدعون کي چيو تہ ”تون اسان تي حڪومت ڪر ۽ تو کان پوءِ تنهنجا پٽ ۽ پوٽا اسان تي حڪومت ڪن، ڇاڪاڻ تہ تو اسان کي مديانين جي هٿان ڇڏايو آهي.“


”سڪم جي سڀني رهاڪن کان پڇي ڏسو تہ ڇا اوهان جي لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي تہ جِدعون جا سڀيئي يعني ستر ئي پٽ اوهان تي حڪومت ڪن يا اها ڳالهہ تہ هڪڙو ئي ماڻهو اوهان تي حڪومت ڪري؟ اهو پڻ ياد رکو تہ آءٌ اوهان جو هڏ رت آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ