Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 32:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پر اوهان سدائين ساڻس بڇڙي هلت ڪئي آهي، سو انهيءَ بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين سندس قوم هئڻ لائق ناهيو، هائو، اوهين پورو نسل گمراهہ ۽ ڏنگا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 هنن ساڻس خراب هلت ڪئي آهي، اهي سندس ٻار نہ آهن، اهو سندن عيب آهي؛ هوءَ گمراهہ ۽ ڏنگي قوم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 32:5
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا دنيا تي نظر ڪئي ۽ ڏٺائين تہ اها خراب ٿي ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ سڀني ماڻهن جي هلت چلت بڇڙي ٿي ويئي هئي.


پوءِ هو پنهنجي ابن ڏاڏن جيان ضدي ۽ فسادي نہ ٿيندا، يعني اهڙا ماڻهو جن جون دليون ڏنگيون هيون، ۽ جيڪي پنهنجي خدا سان وفادار نہ هئا.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پنهنجو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي.


منهنجي هر ڳالهہ سچائيءَ واري هوندي آهي، جنهن ۾ ڪوبہ ڏنگ ڏانءُ نہ هوندو آهي.


اي گنهگار ۽ خطائن سان ڀريل قوم! اي بدڪار ۽ خراب ڪم ڪندڙ نسل! ويل آهي اوهان جي لاءِ! جو اوهان خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي. اوهان بني اسرائيل جي پاڪ معبود کي حقير ڄاتو آهي، ۽ کانئس پٺيرا ٿي ويا آهيو.


خداوند فرمايو تہ ”بيشڪ اهي منهنجي قوم، يعني منهنجا اهڙا ٻار آهن، جيڪي مون سان بي‌وفائي نہ ڪندا.“ سو خداوند سندن بچائيندڙ بڻيو،


اي اسرائيل وارؤ! اوهين گناهن ۾ غرق ٿي ويا آهيو، جيئن گھڻو وقت اڳ ۾ جِبعت شهر ۾ ٿيا هئا، اوهان جا ڪيل گناهہ خدا کان وسري نہ ويا آهن، هو اوهان کي انهن جي سزا ضرور ڏيندو.


پوءِ مون سوچيو تہ يقيناً يروشلم وارا اهو ڏسي منهنجو خوف رکندا ۽ پنهنجو سڌارو قبول ڪندا. تڏهن منهنجيون سزائون هنن تي اچي نہ پونديون، نڪي سندن آبادي ختم ڪئي ويندي. تنهن هوندي بہ هنن کي اڃا شوق آهي تہ هو بڇڙا ڪم ڪندا رهن، جيئن اڳي ڪيا اٿائون.“


خداوند خدا بني يعقوب جو بادشاهہ آهي، ۽ هو ساڻن گڏ رهي ٿو. سو هو بني اسرائيل کي هر مشڪل ۽ مصيبت کان دور ٿو رکي.


هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ گمراهہ آهن جو مون کان خدائي نشاني ٿا گھرن. پر انهن کي يونس نبيءَ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“ پوءِ هو انهن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.


تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بي‌يقين ۽ گمراهہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان وٽ هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ آندو وڃي.“


يحيٰ جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”اي بي‌يقين ۽ گمراهہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان سان هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟“ پوءِ هن ڇوڪري جي پيءُ کي چيو تہ ”پنهنجي پٽ کي مون وٽ آڻ.“


اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان جي پيءُ ڪيا آهن.“ تڏهن انهن وراڻيو تہ ”اسين ناجائز اولاد آهيون ڇا؟ اسان جو پيءُ تہ هڪڙو ئي آهي، يعني خدا.“


پطرس انهن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي هن بڇڙي زماني کان بچايو.“


استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پاڪ روح جي مخالفت ڪندا آهيو.


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جا خيال بہ انهيءَ سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح جي لائق آهن.


مون کي يقين آهي تہ منهنجي مرڻ کان پوءِ اهي پاڻ کي بلڪل بگاڙي ڇڏيندا ۽ جنهن واٽ جو مون کين حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦري ويندا. تڏهن پوين ڏينهن ۾ هنن تي مصيبتون اينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجن هٿن سان اهڙا ڪم ڪري خداوند کي غصو ڏياريندا، جيڪي سندس نظر ۾ برا آهن.“


سو خداوند چيو تہ ’جيئن تہ هي ماڻهو ضدي ۽ بي‌وفا آهن، تنهنڪري آءٌ انهن کان پنهنجو منهن موڙي ڇڏيندس، ۽ ڏسندس تہ سندن ڪهڙو انجام ٿو ٿئي.


متان اوهين پاڻ کي خراب ڪريو، جو پنهنجي لاءِ ڪنهن مرد يا عورت جي صورت جهڙو ڪو تراشيل بت ٺاهيو،


مثال طور جڏهن اوهان منجھان ٻار ۽ ٻارن جا ٻار پيدا ٿيندا ۽ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ رهندي گھڻو عرصو ٿي ويندو، پوءِ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي خراب ڪري ڪنهن شيءِ جي شڪل بڻائيندا ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نظر ۾ اهڙو خراب ڪم ڪري کيس ڪاوڙائيندا،


جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي، تنهن ڏينهن کان اوهين خداوند جي خلاف بغاوت ڪندا ٿا اچو.


تہ جيئن اوهين بي‌ڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ گمراهہ ماڻهن جي هن دنيا ۾ خدا جا بي‌عيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آسمان ۾ ستارا


پر جڏهن اهو رهبر مري ويندو هو تڏهن هو وري ڦري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ برائي ڪندا هئا. هو غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ڪندا هئا ۽ کين سجدو ڪندا هئا. هو پنهنجن برن ڪمن ۽ هوڏ واري رستي کان باز نہ ايندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ