Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 32:47 - Muslim Sindhi Bible

47 اهي ڳالهيون اوهان جي لاءِ ڪا اجائي شيءِ نہ آهن، بلڪ اهي اوهان جي زندگي آهن. مٿن عمل ڪرڻ جي ڪري اوهين انهيءَ ملڪ ۾ وڏي عرصي تائين رهندا، جنهن تي اوهين قبضو ڪرڻ لاءِ اردن درياءَ جي پار وڃي رهيا آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

47 ڇالاءِ جو اها اوهان جي لاءِ ڪا اجائي شيءِ نہ آهي؛ پر اها اوهان جي زندگي آهي، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهيءَ جي ڪري اوهان جي عمر وڏي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 32:47
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي ڏاهپ حاصل ڪن ٿا، تن لاءِ اها زندگي بخشيندڙ وڻ مثل آهي. هائو، ڏاهپ رکندڙ ماڻهو سڀاڳا آهن.


اهي اوهان کي هڪ ڊگھي ڄمار ۽ خوشحال زندگي بخشينديون.


منهنجي ڏنل سکيا تي سدائين ثابت قدم رهو ۽ انهيءَ کان هيڏي هوڏي نہ ڦرو. انهيءَ کي محفوظ رکو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي زندگيءَ جو بنياد آهي.


انهيءَ سبب جو جيڪي انهن جي جستجو ڪن ٿا، تن کي انهن مان سٺي صحت ۽ ڀرپور زندگي ٿي ملي.


مون نڪي ڳجھہ ڳوهہ ۾، ۽ نہ وري ڌرتيءَ جي ڪنهن اونداهيءَ جاءِ مان، بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. مون يعقوب جي نسل کي ڪين چيو آهي تہ ’اوهين منهنجي ڳولا ڪنهن ويران بيابان ۾ ڪريو.‘ آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان، آءٌ سچائيءَ جون ڳالهيون بيان ٿو ڪريان.“


اوهين ضرور منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو ائين ڪندو تنهن جي حياتي بچي ويندي. آءٌ خداوند آهيان.


خداوند اسرائيل وارن کي ٿو فرمائي تہ ”اوهين منهنجا طالبو ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو.


پر اوهين پهريائين هن جي بادشاهيءَ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ ملائڪ جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي زندگي ڏيندڙ ڪلام مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.


آءٌ اڄ اوهان کي حڪم ڏيان ٿو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪريو، سندس واٽن تي هلو، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪندا رهو، پوءِ اوهين جيئرا رهندا، وڌندا ويندا ۽ جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي برڪت ڏيندو.


اهڙيءَ طرح اوهان جو اولاد، جن کي هن شريعت جي باري ۾ ڄاڻ ڪانہ هجي، سي بہ ٻڌن ۽ خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکندي انهيءَ تي عمل ڪرڻ سکن، جيستائين اوهان جو نسل انهيءَ ملڪ ۾ زندگي گذاريندو رهي، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار وڃڻ وارا آهيو.“


شال سندن شهرن جي درن ۾ لوهہ ۽ پتل جا گز لڳل هجن، تان‌تہ اهي هميشہ هميشہ تائين محفوظ رهن.“


سو اوهين هن جي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪريو، جيڪي اڄ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو.“


سو اوهين انهن کي مڃيندا ۽ انهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ ٻين قومن جي نظر ۾ اها اوهان جي دانائي ۽ سياڻپ ليکبي. اُهي قومون هنن سڀني قانونن کي ٻڌي چونديون تہ ’بيشڪ هن وڏيءَ قوم جا ماڻهو داناءَ ۽ سياڻا آهن.‘


تنهنڪري هن اوهان کي عاجز ڪيو ۽ بکيو رکيو. پوءِ اوهان کي اها مَنَ کارايائين جنهن جي نہ اوهان کي خبر هئي نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي. هن ڪري جو هو اوهان کي اهو سيکاري تہ انسان رڳو مانيءَ سان ئي جيئرو نہ ٿو رهي، بلڪ خداوند جي چيل هر هڪ ڳالهہ سان جيئرو رهي ٿو.


انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ جسم جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جي لاءِ واعدو بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي.


اسان پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ سندس موٽي اچڻ جي جيڪا خبر اوهان کي ڏني هئي، سا اسان بناوٽي ڪهاڻين تي لڳي ڪري ڪونہ ٻڌائي هئي، پر سندس شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين.


خداوند عيسيٰ پنهنجي الاهي قدرت سان اهو سڀ اسان کي عطا ڪري ٿو، جيڪو دينداريءَ سان زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آهي. اهو سڀ خدا کي ڄاڻڻ جي وسيلي اسان کي حاصل ٿئي ٿو، جنهن اسان کي پنهنجي ذاتي عظمت ۽ خوبين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي پنهنجا جبا ڌوئي صاف ٿا ڪن. اهي دروازن مان شهر ۾ داخل ٿي زندگي ڏيندڙ وڻ جي ميوي کائڻ جا حقدار هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ