Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 32:46 - Muslim Sindhi Bible

46 تڏهن کين چيائين تہ ”جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڏني آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل سان لائجو. انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

46 تڏهن انهن کي چيائين، تہ جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڀري آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي رکجو؛ ۽ انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو، تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 32:46
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ اوهين پنهنجي دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو. هاڻ اُٿو ۽ خداوند خدا جي لاءِ هڪ عبادت‌گاهہ ٺاهيو، تہ جيئن اوهان خداوند جي عهد واري صندوق ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ آڻي انهيءَ گھر ۾ رکي سگھو، جيڪو خداوند جي نالي تي تعمير ڪيو ويندو.“


هن بني يعقوب لاءِ پنهنجا قاعدا مقرر ڪيا آهن، هائو، بني اسرائيل ۾ پنهنجي شريعت قائم ڪئي اٿائين. هن اسان جي ابن ڏاڏن کي فرمايو تہ ”اهي ڳالهيون پنهنجي اولاد کي سيکارجو،


سچائيءَ ۾ زندگي آهي، مگر بدڪاريءَ ۾ موت آهي.


انهيءَ ماڻهوءَ مون کي چيو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ جيڪي بہ آءٌ تو کي ڏيکاريان ٿو، تنهن تي دل وَ جان سان ڌيان ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ لاءِ ئي تو کي هتي آندو ويو آهي. سو جيڪي ڪجھہ تون ڏسين سو بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌائج.“


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڌيان ڏي. جيڪي ڪجھہ آءٌ خداوند پنهنجي هيڪل جي ريتن رسمن ۽ قاعدن قانونن بابت ٻڌايان ٿو سو سڀ ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ اکيون کولي ڏس. تون ذهن ۾ رک تہ ڪير ڪير منهنجي هيڪل جي چوديواريءَ اندر اچي وڃي سگھي ٿو ۽ ڪنهن ڪنهن کي اچڻ وڃڻ جي اجازت نہ آهي.


خداوند اسرائيل وارن کي ٿو فرمائي تہ ”اوهين منهنجا طالبو ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو.


”هيءَ ڳالهہ پنهنجي هينئين سان هنڊايو تہ ابنِ آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.“


تنهنڪري منهنجيون هي ڳالهيون اوهين پنهنجيءَ دل ۽ پنهنجي روح ۾ ڄمائي ڇڏيو. اوهين نشانيءَ طور انهن کي پنهنجين ٻانهن تي ٻڌجو ۽ اهي اوهان جي نرڙ تي ٽڪي وانگر هجن.


اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکارجو، گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهجو.


جڏهن موسيٰ اهي ڳالهيون بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ٻڌائي چڪو،


سو اوهين انهن کي مڃيندا ۽ انهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ ٻين قومن جي نظر ۾ اها اوهان جي دانائي ۽ سياڻپ ليکبي. اُهي قومون هنن سڀني قانونن کي ٻڌي چونديون تہ ’بيشڪ هن وڏيءَ قوم جا ماڻهو داناءَ ۽ سياڻا آهن.‘


سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.


تنهنڪري لازمي آهي تہ عيسيٰ بابت جيڪي ڳالهيون اسان ٻڌيون آهن، تن تي اسين وڌيڪ ڌيان ڏيون، انهيءَ لاءِ تہ متان لڙهي انهن کان پري نڪري نہ وڃون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ