شريعت جو دور 32:39 - Muslim Sindhi Bible39 هاڻي ڏسو! آءٌ، رڳو آءٌ ئي خدا آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي، آءٌ ماريان ۽ آءٌ ئي جياريان ٿو، آءٌ ڦٽيان ۽ آءٌ ئي ڇٽايان ٿو، اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو منهنجي هٿان ڇڏائي سگھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible39 هاڻي ڏسو، تہ اهو هڪڙو ئي آءٌ آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي: آءٌ ماريان ٿو، ۽ آءٌ جياريان ٿو؛ مون ڦٽيو آهي، ۽ آءٌ ڇُٽايان ٿو: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“
اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جا گواهہ آهيو. هائو، اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين، جنهن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين مون کي ڄاڻو، مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجھو تہ رڳو آءٌ ئي خدا آهيان. مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ناهي، نہ مون کان اڳ ۾ ڪو خدا هو، ۽ نہ مون کان پوءِ ڪو ٿيڻو آهي.