Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 32:36 - Muslim Sindhi Bible

36 بيشڪ جڏهن خداوند ڏسندو تہ سندس قوم ۾ ڪا طاقت نہ رهي آهي، ايتري قدر جو ڄڻ تہ قيدين توڙي آزادن مان ڪوبہ جيئرو ناهي رهيو، تڏهن هو پنهنجي قوم تي قياس ڪري سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت جو انصاف ڪندو، ۽ پنهنجن ٻانهن تي قياس ڪندو؛ جڏهن هو ڏسندو تہ سندن زور هليو ويو آهي، ۽ منجهن نڪو قيدي نڪو آزاد بچيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 32:36
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري آءٌ تنهنجي گھراڻي تي مصيبت آڻيندس ۽ تنهنجو سڀ نرينہ اولاد ماري ڇڏيندس، توڙي جو اهو غلام هجي يا آزاد. آءٌ تنهنجي نسل کي ڇيڻي وانگر ساڙي ڇڏيندس، ايستائين جو اهي سڙي رک ٿي وڃن.


سو خداوند تو کي فرمائي ٿو تہ ’آءٌ تو تي مصيبت آڻيندس ۽ تنهنجي گھراڻي کي ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجي نرينہ اولاد جو خاتمو آڻيندس، پوءِ اها آزاد هجي يا غلام.


خداوند ڏٺو تہ اسرائيل وارا غلام توڙي آزاد، ڪيڏيءَ نہ مصيبت ۾ هئا ۽ سندن ڪوبہ مددگار ڪونہ هو.


ايتري قدر جو اخي‌اب جو سڄو گھراڻو ناس ٿيندو. آءٌ سندس گھراڻي مان هر مرد کي ختم ڪري ڇڏيندس، پوءِ اهو غلام هجي توڙي آزاد.


سو هن سندن واسطي پنهنجي ٻڌل عهد کي ياد ڪيو، ۽ پنهنجي گھڻي ٻاجھہ جي ڪري پنهنجو سزا وارو ارادو بدلائي ڇڏيائين.


انهيءَ سبب جو خداوند پنهنجي قوم جي پاسخاطري ڪري ٿو، هائو، هو پنهنجي انهن ٻانهن تي مهربان آهي.


هو آسمانن ۽ زمين کي پنهنجي حضور ۾ سڏي ٿو، تہ جيئن اهي سندس قوم جي فيصلي ڪرڻ وقت حاضر هجن.


اي خداوند! انسانذات جو انصاف ڪندڙ تون ئي آهين. سو منهنجي سچائيءَ ۽ صداقت موجب منهنجو انصاف ڪر.


اي خداوند! هاڻ تہ اسان سان پرچي پئُہ، تون ڪيستائين ڪاوڙيل رهندين! هاڻي تہ پنهنجي هنن بندن تي رحم ڪر.


هائو، اهي خداوند جي حضور ۾ ڳائين، ڇاڪاڻ تہ هو دنيا وارن جو انصاف ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. هو انصاف ۽ سچائيءَ سان جهان جي قومن جي عدالت ڪندو.


تڏهن خداوند پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ کان باز آيو، جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.


پر اي خداوند! تون هڪڙي زورآور بهادر جيان مون سان گڏ آهين. تنهنڪري منهنجا ستائيندڙ ٿاٻڙجي پوندا، ۽ مون تي غالب نہ ايندا. هو ناڪام ٿيندا ۽ تمام گھڻو خوار خراب ٿيندا. هنن جي خواري هميشہ تائين رهندي ۽ ڪڏهن بہ نہ وساري ويندي.


ڇا اسرائيل وارا مون کي پٽ جيان پيارا نہ آهن؟ هائو، جيئن ڪو سڪيلڌو فرزند هوندو آهي، تيئن ئي اهي مون لاءِ آهن. توڙي جو آءٌ اڪثر هنن جي خلاف ڳالهائيندو آهيان، تہ بہ هو منهنجي دل کي ويجھو آهن. بيشڪ منهنجي دل هنن لاءِ سڪي ٿي، سو آءٌ مٿن بيحد رحم ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


’جيڪڏهن اوهين هن ملڪ يهوداہ ۾ ئي آباد رهندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس، ڊاهيندس نہ، آءٌ اوهان جا پير ڄمائيندس، اُکيڙيندس نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت مون اوهان تي آندي تنهن کان مون کي ڏک پهتو آهي.


تڏهن انهيءَ هستيءَ پنهنجو ساڄو ۽ کاٻو ٻئي هٿ آسمان ڏانهن کنيا ۽ مون ٻڌو تہ هن هميشہ جيئري رهندڙ خدا جو قسم کڻي چيو تہ ”اهو عرصو ساڍن ٽن سالن تائين هوندو. خدا جي قوم جو زور ڀڄي ڀورا ٿيڻ تي اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.“


شايد خداوند پنهنجو ارادو بدلائي اوهان سان رحم وارو سلوڪ ڪري. پوءِ هو اوهان تي جھجھي اناج ۽ مئي جون برڪتون نازل ڪندو، جن مان اوهين خداوند پنهنجي خدا لاءِ قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪندا.


تڏهن خداوند پنهنجي ملڪ بابت ڏاڍو جوش ۾ اچي ويو، ۽ هن پنهنجي قوم تي رحم ڪري


پر پهريائين ڪيئن بہ ڪري انهن کان اها زمين ڇڏائي ويندي، انهيءَ لاءِ تہ اها ويران رهي پنهنجي سبت جو پورو آرام وٺي. کين منهنجي حڪمن کي رد ڪرڻ ۽ منهنجي قانونن کان نفرت ڪرڻ جهڙن پنهنجن گناهن جي سزا قبول ڪرڻي پوندي.


تڏهن خداوند پنهنجو ارادو بدلايو ۽ فرمايائين تہ ”چڱو ڀلا، ائين نہ ٿيندو.“


تڏهن وري خداوند پنهنجو ارادو بدلايو ۽ فرمايائين تہ ”ڀلا، ائين بہ نہ ٿيندو.“


هائو، کيس سزا ضرور ملندي، ڇاڪاڻ تہ اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون ٿا جنهن فرمايو آهي تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ وري هي بہ ڄاڻون ٿا تہ ”خداوند پنهنجي قوم جو فيصلو ڪندو.“


جڏهن خداوند هنن جي لاءِ ڪو رهبر مقرر ڪندو هو تڏهن هو انهيءَ رهبر سان هوندو هو ۽ جيستائين رهبر جيئرو هوندو هو تيستائين خداوند بني اسرائيل کي سندن دشمنن جي هٿن کان بچائيندو رهندو هو. خداوند کي مٿن رحم ايندو هو، ڇو تہ هو ظلم ۽ تڪليف هيٺ دانهون ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ