Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 32:35 - Muslim Sindhi Bible

35 هاڻ سندن مصيبت جو اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن خدا بدلو وٺي کين سزا ڏيندو. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي جڏهن سندن پير تِرڪي پوندا، ۽ اهي هڪدم تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 وير وٺڻ، ۽ بدلو ڏيڻ منهنجو ڪم آهي، جڏهن انهن جو پير ترڪندو؛ ڇالاءِ جو انهن جي مصيبت جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ جيڪي حادثا انهن تي اچڻا آهن سي جلد ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 32:35
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي ڏينهن لمڪ پنهنجي ٻنهي زالن کي چيو تہ ”اي عدہ ۽ صِلاہ! اوهين ڌيان سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪڏهن ڪو مون کي زخمي ڪري وجھي، بلڪ ڪو ٻار ئي مون کي رڳو ڌڪ هڻي، تہ آءٌ انهيءَ کي ماري چٽ ڪري ڇڏيندس.


اهو خدا، جنهن مون کي بدلي وٺڻ جي سگھہ ڏني، جنهن غير قومن کي مات ڪري منهنجي تابع ڪيو،


تون پنهنجي مالڪ اخي‌اب جي گھراڻي کي تباهہ ڪندين. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن نبين ۽ پنهنجي ٻين سڀني ٻانهن جي خون جو بدلو وٺندس، جيڪو ايزبل جي هٿان ٿيو هو.


اي خداوند! اي بدلو وٺندڙ خدا! هائو، اي بڇڙن کان بدلو وٺندڙ خدا! پنهنجو جلال ڏيکار.


هاڻي تون وڃ ۽ پنهنجيءَ قوم کي انهيءَ جاءِ ڏانهن وٺي وڃ جيڪا مون تو کي ٻڌائي آهي ۽ منهنجو ملائڪ تنهنجي اڳيان هلندو رهندو. پر جڏهن فيصلي جو ڏينهن ايندو تڏهن انهن کي سندن گناهہ جي سزا آءٌ ڏيندس.“


انهيءَ جي قلعن ۾ بگھڙ پيا روڙان ڪندا، ۽ انهيءَ جي خوبصورت محلن ۾ گدڙ پيا اونائيندا. بيشڪ بابل جي تباهيءَ جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. انهيءَ جي ڏينهن پوري ٿيڻ ۾ هاڻي ڪا دير ڪانهي.


اوهين گستاخي ڪندي چئو ٿا تہ ”ڀل خداوند جلدي اچي پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاري، ڀل بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي عدالت جو ڏينهن ويجھو ٿئي بلڪ اچي پهچي، تہ پوءِ اسان کي بہ يقين ايندو.“


سو ننڍي ۾ ننڍو گھراڻو هڪ وڏو قبيلو بڻبو، ۽ خسيس ۾ خسيس ڪٽنب بہ هڪ زبردست قوم بڻبو. مقرر وقت تي آءٌ اهو سڀ جلد کان جلد ڪري وٺندس. آءٌ خداوند آهيان.“


هائو، انهن مان گھڻا ئي ٿاٻڙجي ڪرندا ۽ چيڀاٽجي ويندا ۽ گھڻا ئي پڪڙي جلاوطن ڪيا ويندا.“


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي تعظيم ڪرڻ سکو، انهيءَ کان اڳ جو هو اونداهي آڻي ۽ اوهان جا پير اونداهين ٽڪرين تي ٿاٻڙجڻ لڳن. هائو، انهيءَ کان اڳ جو جڏهن اوهين روشنائيءَ جا منتظر هجو، تڏهن هو ان کي موت جي پاڇي ۾ بدلائي گھُگھُہ اونداهيءَ ۾ ڦيرائي ڇڏي.


پر اي خداوند! تون هڪڙي زورآور بهادر جيان مون سان گڏ آهين. تنهنڪري منهنجا ستائيندڙ ٿاٻڙجي پوندا، ۽ مون تي غالب نہ ايندا. هو ناڪام ٿيندا ۽ تمام گھڻو خوار خراب ٿيندا. هنن جي خواري هميشہ تائين رهندي ۽ ڪڏهن بہ نہ وساري ويندي.


انهيءَ ڪري آءٌ مٿن مصيبت آڻيندس. هائو، هنن جي سزا جو وقت اچي رهيو آهي. انهن جون راهون اونداهيون ۽ ترڪڻيون ٿي پونديون، کين اوڏانهن ڌڪيو ويندو جتي هو ڪري پوندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


هڪ تباهي مچائيندڙ لشڪر بابل تي ڪاهي آيو آهي. بابل جا جنگي جوڌا پڪڙيا ويا آهن، ۽ انهن جا جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪيا ويا آهن. بيشڪ آءٌ خداوند بدلو وٺندڙ خدا پورو پورو بدلو ٿو وٺان.


تنهنڪري آءٌ هن قوم جي اڳيان طرح طرح جون ٿاٻو ڏيندڙ شيون رکندس. انهن تي پيئر ۽ پٽ هڪجهڙو ٿاٻڙبا ۽ پاڙيسري ۽ دوست سڀ گڏ ناس ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هو بلڪل شرمندا ڪونہ آهن. کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي پنهنجي ملڪ ۾ باقي بچيل رهاڪؤ! آءٌ خداوند ئي چوان ٿو تہ ياد رکو، اوهان جي ملڪ تي مصيبت مٿان مصيبت اچڻ واري آهي،


اسرائيل وارن جيڪا بدڪاري ڪئي، سا لکي رکي ويئي آهي. هائو، هنن جيڪي گناهہ ڪيا تن کي گڏ ڪيو ويو آهي.


اوهين پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن کان وير نہ وٺجو، نڪي انهن سان ڪينو رکجو، بلڪ اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي، هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي. خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو، ۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.


ڪير آهي جيڪو هن جي ڪاوڙ اڳيان بيهي سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي غضب کان بچي سگھي؟ هن جو غضب باهہ وانگر اچيو ڪڙڪي، ۽ ٽڪر بہ هن جي اڳيان ڀورا ڀورا ٿي پوندا آهن.


هن رويا جي ظاهر ٿيڻ جو مقرر وقت اڃا نہ آيو آهي، پر اچڻ وارو آهي، ۽ اها رويا ڪڏهن بہ غلط ثابت نہ ٿيندي. جيتوڻيڪ تون دير سمجھندين، تہ بہ تون انهيءَ جو انتظار ڪر، ڇاڪاڻ تہ ائين ضرور ٿيندو ۽ گھڻي دير ڪانہ ٿيندي.


اي منهنجا عزيزؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“


ڇاڪاڻ تہ هو اوهان جي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آهي. پر جيڪڏهن اوهين بڇڙا ڪم ڪريو ٿا تہ هن کان ڊڄو، ڇو تہ هو بنا سبب جي تلوار نہ ٿو کڻي. هو خدا جو خادم آهي تہ جيئن سندس غضب موجب بڇڙي کي سزا ڏئي.


سو اي غير قومون! اوهين خدا جي قوم کي ساراهيو، ڇوجو هو پنهنجي انهن ٻانهن جي خون جو بدلو وٺندو. هائو، جيڪي سندس مخالف آهن تن کي هو سزا ڏيندو، ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو ڪفارو ڏيندو.“


هائو، کيس سزا ضرور ملندي، ڇاڪاڻ تہ اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون ٿا جنهن فرمايو آهي تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ وري هي بہ ڄاڻون ٿا تہ ”خداوند پنهنجي قوم جو فيصلو ڪندو.“


۽ ”اهو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻهن لاءِ ٿاٻو کائڻ واري ڇپ ٿيو آهي.“ سو اهي ماڻهو خدا جي فرمان تي ايمان نہ آڻڻ سان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي اهي مقرر بہ ڪيا ويا آهن.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي خدا سندن خلاف فتويٰ جاري ڪئي هئي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


دائود وڌيڪ چيس تہ ”خداوند جيئري جو قسم آهي تہ خداوند پاڻ ئي انهيءَ کي ماريندو. هي پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري پاڻمرادو مري ويندو، يا جنگ ۾ ماريو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ