Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 32:31 - Muslim Sindhi Bible

31 اها ڳالهہ خود اسان جا دشمن بہ ڄاڻين ٿا تہ سندن محافظ اسان جي طاقتور محافظ جهڙا ناهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ڇالاءِ جو انهن جو ٽڪر اسان جي ٽڪر جهڙو نہ آهي، خود اسان جا دشمن بہ اهو قبولين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 32:31
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا شال اوهان سڀني سان گڏ هجي جيڪي سندس قوم آهيو. اوهان سڀني کي يروشلم ڏانهن وڃڻ جي اجازت آهي ۽ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي گھر جي نئين سِر تعمير ڪرڻي آهي. هائو، اُهو ئي خداوند آهي، جنهن جي يروشلم ۾ عبادت ڪئي ويندي آهي.


ڇا خداوند کان سواءِ ڪو ٻيو خدا بہ آهي؟ ڇا اسان جي خدا کان سواءِ ڪو ٻيو محافظ بہ آهي؟


هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهنڪري اهي تمام مشڪل سان ٿي هليون. تڏهن مصري چوڻ لڳا تہ ”اچو تہ بني اسرائيل کان ڀڄي نڪرون، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهن جي پاران اسان سان وڙهي ٿو.“


سو مصر ۾ جيترو بہ پاڻي هو، تنهن تي هارون پنهنجو هٿ ڊگھيريو تہ ڏيڏر ٻاهر نڪري آيا ۽ مصر جي سڄي زمين کي ڍڪي ڇڏيائون.


انهن جو محافظ شهنشاهہ دهشت وچان ڀڄي ويندو، ۽ سندن لشڪر جا سالار اهڙا تہ ڊڄي ويندا، جو پنهنجا جنگي جھنڊا بہ اڇلائي ڀڄي نڪرندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي. انهيءَ خداوند جو، جنهن جو خوفناڪ قهر، ٻرندڙ تنور جي باهہ جيان يروشلم ۾ ٿو ڀڙڪي.


هاڻ خداوند اها آفت آڻي پوري ڪئي آهي ۽ جيئن چيو هئائين تيئن ئي ڪيو اٿس. اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ ان جي نافرماني ڪئي آهي.


پوءِ بادشاهہ دانيال کي چيو تہ ”بيشڪ تنهنجو خدا سڀني معبودن جو بہ معبود، بادشاهن جو ڌڻي ۽ ڳُجھن جو ظاهر ڪندڙ آهي، تڏهن ئي تہ تو انهيءَ راز کي کولي ڇڏيو آهي.“


تنهنڪري آءٌ هي حڪم ٿو جاري ڪريان تہ ڪنهن بہ قوم ۽ قبيلي توڙي مختلف ٻوليءَ وارو جيڪڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي باري ۾ گھٽ وڌ ڳالهائي تہ انهيءَ کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي گھر کي ڊاهي ويران دڙو ڪيو وڃي. ان جو سبب هي آهي جو ٻيو ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جيڪو هن طرح بچائي ٿو سگھي.“


سو بني يعقوب تي ڪوبہ جادو ڪين هلندو، نڪي بني اسرائيل تي ڪنهن فال جو ڪو اثر ئي ٿيندو. بلڪ مٿن انهن ڳالهين جو اثر نہ ٿيندو ڏسي هر ڪو چوندو تہ ’واہ، خدا پنهنجي قوم لاءِ ڇا ڇا نہ ڪيو آهي!‘


پر جن تي خدا لعنت نہ ڪئي آهي، تن تي آءٌ ڪيئن لعنت ڪريان؟ هائو، جن کي خداوند ملامت نہ ڪئي آهي، تن کي آءٌ ڪيئن ملامت ڪريان؟


خداوند جهڙو ڪو ٻيو پاڪ ڪونهي، نڪي اسان جي خدا جهڙو ڪو ٻيو محافظ آهي، هائو، هن کان سواءِ ٻيو ڪو ئي بہ ڪونهي.


اسان سان ويل ٿيو! ڪير اسان کي هنن طاقت وارن معبودن جي هٿان ڇڏائيندو. هي تہ اُهي ئي معبود آهن، جن مصرين کي هر قسم جي آفتن سان بيابان ۾ ماريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ