شريعت جو دور 32:30 - Muslim Sindhi Bible30 خداوند، تنهنجو محافظ جيڪڏهن تو کي ڇڏي نہ ڏي ها، هائو، جيڪڏهن هو تو کي ٻين جي حوالي نہ ڪري ها، تہ پوءِ ڪيئن تنهنجي هڪ هزار جي پٺيان هڪڙو ڄڻو پوي ها، ۽ ڪيئن تنهنجي ڏهن هزارن کي ٻہ ڄڻا ڀڄائي ڪڍن ها؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible30 جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.