شريعت جو دور 32:29 - Muslim Sindhi Bible29 ڪاش! تون داناءِ هجين ها تہ اهو سمجھي وڃين ها، ۽ پوءِ پنهنجي انجام تي ڪو غور ڪرين ها. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible29 شل اهي داناءَ هجن ها تہ چڱو هو، تہ انهيءَ جي سمجهہ پوين ها، ۽ پنهنجي پڇاڙيءَ تي غور ڪن ها! အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيتوڻيڪ سندس دامن گناهن جي گندگيءَ سان ڀريل هو، تڏهن بہ هن کي پنهنجي انجام بابت ڪو فڪر ڪونہ هو. پر هاڻ اها وسندي نهايت هيبتناڪ نموني سان هيٺ ڪيرائي ويئي آهي. کيس دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونهي، توڙي جو هوءَ دانهون ڪري چوي ٿي تہ ”اي خداوند! آءٌ مصيبت ۾ آهيان، منهنجي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ دشمن مون تي غالب پئجي ويا آهن.“