شريعت جو دور 32:21 - Muslim Sindhi Bible21 ڪوڙن معبودن آڏو جھڪي هنن مون کي غيرت ڏياري آهي. هائو، باطل بتن ڏانهن ڦري هنن مون کي غصو ڏياريو آهي. سو آءٌ بہ نالائق قوم تي هٿ رکي انهن کي غيرت ڏياريندس، هائو، آءٌ نادان قوم جي پٺڀرائي ڪري کين غصو ڏياريندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible21 جيڪو خدا ناهي تنهن جي سبب انهن مون کي غيرت ڏياري آهي؛ ۽ پنهنجين اجاين ڳالهين جي ڪري مون کي ڪاوڙايو اٿن: سو آءٌ بہ انهن کي اهڙن ماڻهن جي سبب غيرت ڏياريندس جي اُمت نہ آهن؛ ۽ هڪڙيءَ بي عقل قوم جي ڪري کين ڪاوڙائيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هنن سندس حڪمَ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو عهد برقرار نہ رکيائون جيڪو خداوند سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو. هنن سندس تنبيهن تي بہ ڪو ڌيان نہ ڏنو، بلڪ ڪين جهڙن بتن جي پٺيان لڳي پاڻ بہ ڪين جهڙا ٿي پيا. سندن آسپاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، حالانڪ خداوند کين تنبيهہ ڪندو رهيو تہ انهن جهڙا ڪم نہ ڪن.