Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 32:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جهڙيءَ طرح ڪچن ٻوٽن تي وسڪارو ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تعليم برسات وانگر پيئي وسندي. هائو، جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي ڦُڙڦُڙ پوندي آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تقرير ماڪ جيان پيئي پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 منهنجي تعليم مينهن وانگي وسندي، ۽ منهنجي تقرير ماڪ وانگي پوندي؛ جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي مينهن جي ڦڙڦڙ پوندي آهي، ۽ ٻوٽن تي وسڪار ٿيندي آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 32:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو صبح جي انهيءَ روشنيءَ مثل آهي، جيڪا سج اڀرڻ مهل بنا ڪڪر جي ظاهر ٿئي ٿي، يا جيڪا روشني مينهن بعد ڌرتيءَ جي نرم گاهہ تي پيل ڦڙن کي چمڪائي ٿي.‘


هر ڏيئي ٻج وڌل ٻنيءَ کي تون مينهن وسائي ريج ڏين ٿو. هائو، ائين ٻنيءَ کي نرم ڪري ان جي پيداوار ۾ تون برڪت وجھين ٿو.


جيئن فصل تي برسات پوندي آهي، يا جيئن وسڪارو زمين کي ڀِڄائي ٿو، تيئن شل بادشاهہ برڪت بڻجي.


آءٌ اوهان کي سٺيون صلاحون ٿو ڏيان. سو اوهين منهنجي نصيحتن کان منهن نہ موڙيو.


سو جيئن ڪنهن ويران زمين تي برسات وسي، تيئن ئي آءٌ اسرائيل وارن تي رحم ڪندس. پوءِ هو سوسن جي ٻوٽي جيان گھڻا گل جھليندا، اهي اهڙيون مضبوط پاڙون هڻندا، جيئن لبنان جو ديال پاڙون هڻي ٿو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان سان ڇا ڪريان؟ ۽ اي يهوداہ وارؤ! آءٌ اوهان سان ڪيئن هلان؟ اوهان جي وفاداري صبح جي ڪڪر جيان گم ٿيو وڃي هائو، جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي.


اي امصياہ! تون مون کي چوين ٿو تہ ’اسرائيل وارن جي خلاف اڳڪٿي نہ ڪر، نہ ئي سندن خلاف ڪا ٻي ڳالهہ ڪر.‘ تنهنڪري هاڻي تون خداوند جو هي فرمان ٻڌ.


انهن سالارن جو طاقتور لشڪر اشوري قوم کي، بلڪ نمرود نالي سندن ملڪ کي شڪست ڏيندو. هائو، جڏهن اشوري اسان جي ملڪ ۾ اچي اسان جي سرحدن ۾ پير ڄمائيندا، تڏهن خداوند انهن کان اسان کي ڇڏائيندو.


بني اسرائيل جا تباهيءَ کان باقي بچي ويل ماڻهو، جيتوڻيڪ گھڻين ئي قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ خداوند انهن کي طاقت ڏيئي ائين قائم رکندو، جيئن ماڪ ۽ مينهن ڌرتيءَ کي تازگي ڏيندا آهن. اهي خدا تي ئي توڪل رکندا، نہ ڪنهن انسان تي.


بهار جي مند ۾ مينهن لاءِ خداوند کان ئي دعا گھرو تہ اهو مينهن وسائي. هائو، اهو جيڪو کِنوڻ جا چمڪاٽ ٿو ڪري، جيڪو هر ڪنهن کي جھجھو مينهن ٿو ڏئي، ۽ جيڪو هر ٻنيءَ مان گاهہ ٿو اڀاري، سو ئي اهو خداوند آهي.


ڏسو، جيڪا زمين پاڻ تي بار بار پوندڙ مينهن جو پاڻي پيئي ٿي ۽ پنهنجي پوکيندڙ لاءِ ڪمائتو فصل ٿي اُپائي، تنهن تي خدا جي برڪت نازل ٿئي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ