Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 32:16 - Muslim Sindhi Bible

16 هنن غير معبودن جي پوڄا ڪري خداوند کي غيرت ڏياري، هائو، ڪراهت وارين شين سان هنن کيس بيحد غصو ڏياريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 انهن هن کي ڌارين جي سبب غيرت ڏياري، ۽ مڪروهہ شين جي ڪري کيس ڪاوڙايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 32:16
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ وارن اهي ڪم ڪيا جيڪي خدواند جي نظر ۾ برا هئا. پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڪمن کان بہ وڌيڪ برا ڪم ڪري هنن خداوند کي ڪاوڙايو.


پر تو انهن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪئي آهي جيڪي تو کان اڳي هئا. مون کان ڦري پنهنجي لاءِ غير معبود ۽ پلٽيل بت بڻائي تو مون کي ڪاوڙايو آهي. هائو، تو مون کي پنهنجي پٺيءَ پٺيان اڇلائي ڇڏيو آهي.


اتي غير معبودن وارين قربان‌گاهن تي هو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا، جيئن غير قومون ڪنديون هيون جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو. هنن بتن جي پوڄا ڪئي توڙي جو خداوند کين ائين ڪرڻ کان روڪيو هو. هنن خداوند کي ڪاوڙائڻ وارا ٻيا برا ڪم بہ ڪيا.


هنن پنهنجا پٽ ۽ پنهنجيون ڌيئر قربانيءَ طور باهہ ۾ ساڙي ڇڏيون ۽ فالن ۽ جادوگرين کان ڪم ورتائون. هنن پاڻ کي اهڙن ڪمن جي حوالي ڪيو جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ اهڙيءَ طرح هن کي ڪاوڙايائون.


هن پنهنجي پٽ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪيو. هو جادو ڪندو هو ۽ فالون وجھندو هو. هن ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن سان واسطا پڻ رکيا. مطلب تہ هن خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا جن جي ڪري خداوند هن جي خلاف سخت ڪاوڙيو.


غير معبودن جا اهي پوڄا گھر جيڪي يروشلم جي اوڀر ۾ ۽ برباديءَ واري ٽڪر جي ڏکڻ طرف هئا، تن جي يوسياہ بادشاهہ بي‌حرمتي ڪرائي ڇڏي. اهي پوڄا گھر بادشاهہ سليمان صيدانين جي ڪراهت جهڙي ديوي عستارات، موآب جي ڪراهت جهڙي بت ڪموس ۽ بني عمون جي ڪراهت جهڙي بت مولڪ جي لاءِ جوڙايا هئا.


اهڙا ڪم ڪري هنن خدا کي غصو ڏياريو، تنهنڪري اوچتو ئي اوچتو خدا مٿن وبا آڻي نازل ڪئي.


هنن پنهنجي بت‌خانن جي ڪري سندس غصي کي ڀڙڪايو. هائو، پنهنجي تراشيل مورتين جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون.


جيئن مون چيو هو تيئن ڪري ڏيکاريو. ٻئي ڪنهن بہ ڌارئي معبود نہ، بلڪ مون ئي اوهان کي پنهنجي واعدي موجب بچايو. سو آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو تہ آءٌ ئي خدا آهيان.


اڳ ڪڏهن ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا هجن، جڏهن تہ حقيقت ۾ اهي معبود ئي ناهن. پر اي منهنجي قوم! تو مون حقيقي خدا کي ڇڏي، بيڪار بتن جي ڪري پنهنجو شان وَ شوڪت مِٽائي ڇڏيو آهي.


اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! ڌارين معبودن پٺيان لڳي پنهنجي پيرن ۾ لڦون نہ وجھہ، نڪي سندن پٺيان لڳي سهڪندي پنهنجي نڙي سڪاءِ. پر تون چوين ٿي تہ ’نہ، آءٌ هرگز نہ مڙنديس. مون کي ڌارين معبودن سان عشق آهي ۽ آءٌ انهن جي ئي پوڄا ڪنديس.‘“


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، پيئر باهہ ٻارين ٿا ۽ مائرون اٽو ڳوهين ٿيون تہ جيئن انهيءَ ديويءَ لاءِ لوليون پچائين، جنهن کي هو آسمان جي راڻيءَ ٿا سڏين. هو غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون ٿا پيش ڪن، تہ جيئن مون کي چڙ ڏيارين.


ٻڌو، منهنجي قوم جي دانهن جو آواز پوري ملڪ ۾ گونجي ٿو تہ ”ڇا خداوند صيئون مان هليو ويو آهي؟ ڇا هاڻي هو صيئون جو بادشاهہ ناهي رهيو؟“ خداوند ورندي ٿو ڏئي تہ ”مون اوهان کي ان ڪري ڇڏي ڏنو آهي، جو اوهين پنهنجين اُڪريل مورتين ۽ ڌارين بيڪار بتن کي پوڄي مون کي چڙ ٿا ڏياريو.“


هن هٿ جهڙي ڪا شيءِ ڊگھيڙي منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ پڪڙي. تڏهن انهيءَ عجيب رويا ۾ خدا جو روح مون کي مٿي هوا ۾ بلنديءَ تي کڻي ويو ۽ پوءِ يروشلم جي ڪوٽ جي اندرين اتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿائين، جتي هڪڙي مورتي کوڙيل هئي، جنهن خداوند کي غيرت ڏياري غضبناڪ بڻايو هو.


ڇو تہ اوهان کان اڳي جيڪي انهيءَ زمين جا رهاڪو هئا تن اهي سمورا مڪروهہ ڪم ڪيا، جنهن سبب اها زمين پليت ٿي.


ڇا ائين ڪندي اسين خداوند جي غيرت کي جوش ڏياريون؟ ڇا اسين هن کان وڌيڪ زورآور آهيون؟


ڪوڙن معبودن آڏو جھڪي هنن مون کي غيرت ڏياري آهي. هائو، باطل بتن ڏانهن ڦري هنن مون کي غصو ڏياريو آهي. سو آءٌ بہ نالائق قوم تي هٿ رکي انهن کي غيرت ڏياريندس، هائو، آءٌ نادان قوم جي پٺڀرائي ڪري کين غصو ڏياريندس.


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


اوهين انهن جي معبودن جي تراشيل مورتين کي ساڙي ڇڏجو. جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي تنهن جي اوهين لالچ نہ ڪجو، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻجو، متان اوهين انهن ۾ ڦاسي پئو، ڇاڪاڻ تہ اها ڳالهہ خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ