Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 32:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ”اي زمين ۽ آسمانؤ! ڪن ڏيو جو آءٌ ڳالهايان ٿو، اوهين ڌيان سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي آسمانو ڪن ڏيو، جو آءٌ ڳالهايان ٿو؛ ۽ ڀلي تہ زمين منهنجي وات جون ڳالهيون ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 32:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي سموريون قومون! اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! اوهين مون ڏانهن ڪن ڏيو.


هو آسمانن ۽ زمين کي پنهنجي حضور ۾ سڏي ٿو، تہ جيئن اهي سندس قوم جي فيصلي ڪرڻ وقت حاضر هجن.


خداوند فرمايو تہ ”اي زمين وَ آسمان! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. جنهن قوم کي مون خداوند پنهنجي ٻارن وانگر پالي وڏو ڪيو، سا مون کان باغي ٿي ويئي آهي.


اچو، اي سموريون قومون! چوڌاري اچي گڏ ٿيو ۽ ٻڌو. اچو اي سڀ امتون! ڪن ڏيو. هائو، سڄي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر مخلوق هتي اچي ۽ ٻڌي.


سو اي آسمانؤ! هيبت وچان ڪنبڻ لڳو، عجب کائو ۽ ششدر ٿيو.


سو اي ملڪ! هائو، اي يهوداہ جا ملڪ! تون ٻڌ تہ خداوند ڇا ٿو فرمائي.


اي دنيا وارؤ! ٻڌو، آءٌ هن قوم تي مصيبت آڻڻ وارو آهيان، جيڪا سندن تدبيرن جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن منهنجيون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو اٿن.


آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان تہ مون زندگي ۽ موت، برڪت ۽ لعنت ٻئي اوهان جي اڳيان رکيا آهن. تنهنڪري اوهين زندگيءَ جي چونڊ ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ۽ اوهان جو اولاد جيئرو رهي،


تنهنڪري هاڻي جيڪو گيت آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو سو تون لکي ڇڏ. اهو تون سڄي بني اسرائيل قوم کي سيکارج ۽ کانئن ڳائرائج، تہ ڀلي اهو گيت سندن خلاف منهنجو شاهد هجي.


اوهين پنهنجن قبيلن جي سڀني سردارن ۽ پنهنجن عملدارن کي مون وٽ آڻي گڏ ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ سندن ڪنن تائين هي ڳالهيون پهچايان ۽ زمين ۽ آسمان کي مٿن شاهد ڪريان.


جيڪو گيت خدا موسيٰ کي لکايو هو، سو هن بني اسرائيل جي سڄي قوم کي گڏ ڪري منڍ کان پڇاڙيءَ تائين هن طرح چئي ٻڌايو تہ


تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ڪري چوان ٿو تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو تنهن ۾ اوهين جلد ئي تباهہ ڪيا ويندا. اوهين اتي گھڻا ڏينهن رهي ڪين سگھندا، بلڪ پوريءَ طرح برباد ٿي ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ