Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 31:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ موسيٰ يشوع کي سڏي، بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي روبرو کيس چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون هن قوم سان گڏجي انهيءَ ملڪ ۾ ويندين، جنهن بابت خداوند هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو کين عطا ڪندو ۽ تون اهو کين ورثي طور ورهائي ڏيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پوءِ موسيٰ يشوع کي سڏي، سڀني اسرائيلين جي اڳيان چيائينس تہ زور ڀريو ۽ همت وارو ٿيءُ: ڇالاءِ جو تون هن اُمت سان گڏجي انهي ملڪ ۾ ويندين، جنهن بابت خداوند هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي چيو هو تہ هنن کي ڏيندو؛ ۽ تون هنن کي انهي جو وارث ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 31:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون رڳو همت ٻڌُ، تہ اسين پنهنجي قوم ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون. پوءِ جيئن خداوند کي وڻي تيئن ئي ٿيندو.“


”منهنجا ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن، سو تون مضبوط ۽ مڙس ماڻهو ٿيءُ.


جيڪڏهن تون انهن قاعدن قانونن تي وڏي خبرداريءَ سان هلندين، جيڪي خداوند موسيٰ جي معرفت بني اسرائيل کي ڏنا هئا، تہ پوءِ تون ڪامياب ٿي ويندين. سو مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، نڪي ڊڄ ۽ نہ ئي وري همت هار.


پوءِ مون کي چيائين تہ ”اي بيحد پيارا شخص! ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، هاڻي مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ.“ هن جڏهن مون کي ائين چيو تہ مون ۾ طاقت اچي ويئي. سو کيس چيم تہ ”جيئن تہ توهان مون کي طاقت عطا ڪئي آهي، سو هاڻي ڀلي منهنجو آقا مون سان ڳالهائي.“


معلوم ڪريو تہ اها زمين ڪهڙي قسم جي آهي، ڀلي آهي يا ناقص، منجھس وڻ آهن يا نہ.“ جيئن تہ انهيءَ وقت انگورن جي پچڻ جي مند هئي، سو موسيٰ چين تہ ”اوهين همت ڪري انهيءَ ملڪ جي ميون مان ڪجھہ کڻي اچجو.“


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.


انهيءَ کان علاوہ اوهين سڀ خداوند عيسيٰ ۾ سندس قدرت سان ڀرپور ٿي طاقتور ٿيو.


پر نون جو پٽ يشوع جيڪو تنهنجو خادم آهي، سو انهيءَ ۾ داخل ٿيندو. تون انهيءَ کي همتاءِ، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ جو وارث بڻائيندو.‘


ياد رکو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي. انهيءَ بابت مون خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندس. سو اوهين وڃي انهيءَ ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.‘“


”تنهنڪري جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين طاقتور ٿيو ۽ جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ داخل ٿيو ۽ مٿس قبضو ڪريو.


پر يشوع کي حڪم ڏي، کيس مضبوط ۽ همت وارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ هو هن قوم کي پار وٺي ويندو ۽ هو ئي انهيءَ ملڪ جو کين وارث بڻائيندو جيڪو تون ڏسندين.‘


پوءِ جڏهن گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت شاهد وانگر مٿن شاهدي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اهو سندن اولاد کان وسري ڪين ويندو. انهيءَ کان اڳ جو آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ پهچايان، جنهن بابت مون ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو هو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن وقت هنن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن.“


خداوند نون جي پٽ يشوع کي هدايت ڪري چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندين، جنهن بابت مون ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو آهي. آءٌ پاڻ بہ تو ساڻ هوندس.“


سو هاڻي خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان جي اڳيان پار هلندو. هو انهن قومن کي اوهان جي اڳيان برباد ڪندو ۽ اوهين انهن جي ملڪ تي قبضو ڪندا. خداوند جي فرمان مطابق يشوع اوهان جي اڳواڻي ڪندو.


سو اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو. ڊڄو نہ، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان ساڻ ٿو هلي. هو اوهان کي نااميد نہ ڪندو، نڪي اوهان کي ڇڏي ڏيندو.“


تنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگھندو. جيئن آءٌ موسيٰ سان هئس، تيئن تو سان بہ هوندس. آءٌ تو کي نڪي نا‌اميد ڪندس، نڪي ڇڏي ڏيندس.


مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون ئي هنن ماڻهن کي اهو ملڪ هٿ ڪرڻ لاءِ وٺي ويندين جنهن جي ڏيڻ بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ