Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 31:6 - Muslim Sindhi Bible

6 سو اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو. ڊڄو نہ، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان ساڻ ٿو هلي. هو اوهان کي نااميد نہ ڪندو، نڪي اوهان کي ڇڏي ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 زور ڀريا ۽ همت وارا ٿيو، ڊڄو نہ، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا پاڻ تو سان ٿو هلي؛ هو توکي نااُميد نہ ڪندو، نڪي توکي ڇڏي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 31:6
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جتي انهيءَ ئي رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ ابراهيم جو خدا آهيان، تون بلڪل نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان. آءٌ پنهنجي ٻانهي ابراهيم سان ٻڌل عهد جي ڪري، تو کي برڪت عطا ڪندس ۽ تنهنجو نسل گھڻو وڌائيندس.“


پڪ ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ آهيان ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس. آءٌ تو کي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس. تو سان جيڪو واعدو ڪيو اٿم، جيستائين اهو پورو نہ ڪندس تيستائين تو کي ڇڏي ڪين ڏيندس.“


تون رڳو همت ٻڌُ، تہ اسين پنهنجي قوم ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون. پوءِ جيئن خداوند کي وڻي تيئن ئي ٿيندو.“


”منهنجا ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن، سو تون مضبوط ۽ مڙس ماڻهو ٿيءُ.


آءٌ پنهنجيءَ قوم بني اسرائيل منجھہ رهندس ۽ کين ڇڏي نہ ڏيندس.“


شل خداوند اسان جو خدا اسان ساڻ بہ ائين ئي هجي جيئن اسان جي ابن ڏاڏن سان هو. شال هو اسان کي نہ ڇڏي ۽ نہ ڦٽو ڪري.


جيڪڏهن تون انهن قاعدن قانونن تي وڏي خبرداريءَ سان هلندين، جيڪي خداوند موسيٰ جي معرفت بني اسرائيل کي ڏنا هئا، تہ پوءِ تون ڪامياب ٿي ويندين. سو مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، نڪي ڊڄ ۽ نہ ئي وري همت هار.


سو هاڻ سوچ ڪر، خدواند تو کي چونڊيو آهي تہ تون سندس پاڪ گھر لاءِ هيڪل تعمير ڪرين. سو همت ٻڌي ڪم شروع ڪر.“


دائود پنهنجي پٽ سليمان کي هي بہ چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ ۽ اهو ڪم شروع ڪر. نڪي ڊڄ نڪي بي‌همت ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا، منهنجو خدا، تو سان گڏ آهي. هو نہ تو کي وساريندو ۽ نہ وري تو کي ڇڏي ڏيندو، جيستائين خداوند جي هيڪل جي تعمير جو سمورو ڪم پورو نہ ٿي وڃي.


”اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو، اشور جي شهنشاهہ کان يا سندس هيڏي ساري لشڪر کان نہ ڊڄو ۽ نہ گھٻرايو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي هنن سان آهن تن کان وڌيڪ طاقتور اسان سان گڏ آهي.


خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجو بچاءُ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟


اوهين خداوند تي توڪل رکو، پختا ٿيو ۽ همت نہ هاريو. هائو، اوهين خداوند تي ئي پنهنجي توڪل رکو.


اي خداوند! تون پنهنجي قوم کي اڪيلو نہ ڇڏيندين، هائو، تون پنهنجي انهن چونڊيلن کي رد نہ ڪندين.


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ، هائو، آءٌ ئي اوهان کي دلداري ڏيندڙ آهيان. پوءِ اوهين ڇو ڪنهن فاني انسان ۽ بني آدم کان ٿا ڊڄو، جيڪو گاهہ جيان سڪي سڙي ويندو؟


تون انهن کي ڏسي کانئن هرگز نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان ۽ تنهنجي حفاظت ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ ساڻن هڪڙو دائمي عهد ٻڌندس، ۽ پوءِ آءٌ ساڻن چڱائي ڪرڻ کان ڪڏهن بہ باز نہ ايندس. آءٌ هنن جي دل ۾ پنهنجو خوف پيدا ڪندس، تہ جيئن هو مون کان ڦري نہ وڃن.


مگر اي زربابل! اي سردار ڪاهن يشوع! ۽ اي ملڪ جا سڀ رهاڪؤ! آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين دلجاءِ ڪري ڪم ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ قادرِمطلق اوهان سان گڏ آهيان.


اي يهوداہ توڙي اسرائيل وارؤ! جهڙيءَ طرح اوهين ٻين قومن جي نظر ۾ لعنتي بڻيا آهيو، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ اوهان کي اهڙي خوشحالي عطا ڪندس جو اوهين برڪت جو باعث بڻبا. سو اوهين دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو.


معلوم ڪريو تہ اها زمين ڪهڙي قسم جي آهي، ڀلي آهي يا ناقص، منجھس وڻ آهن يا نہ.“ جيئن تہ انهيءَ وقت انگورن جي پچڻ جي مند هئي، سو موسيٰ چين تہ ”اوهين همت ڪري انهيءَ ملڪ جي ميون مان ڪجھہ کڻي اچجو.“


بنيامين قبيلي جو اڳواڻ فلتي ولد رافو،


رڳو، اوهين خداوند جي خلاف بغاوت نہ ڪريو، نڪي انهيءَ ملڪ جي ماڻهن کان ڊڄو. هو تہ اسان جو کاڄ آهن. خداوند اسان سان آهي ۽ انهن تان ڇانوَ کڄي ويئي آهي، سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو.“


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا ننڍڙا ڌڻ! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي پيءُ جي مرضي آهي تہ هو اوهان کي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري.


سجاڳ رهو، ايمان تي قائم رهو، همت ڌاريو، مضبوط رهو


انهيءَ کان علاوہ اوهين سڀ خداوند عيسيٰ ۾ سندس قدرت سان ڀرپور ٿي طاقتور ٿيو.


ڏسو، خداوند اوهان جي خدا هي سڄو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي. سو وڃو، جيئن خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي فرمايو آهي تيئن اوهين وڃي انهيءَ تي قبضو ڪريو، نڪي ڊڄو ۽ نہ دل لاهيو.‘


تڏهن مون اوهان کي چيو تہ ’اوهين انهن ماڻهن کان نہ ڊڄو.


”تنهنڪري جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين طاقتور ٿيو ۽ جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ داخل ٿيو ۽ مٿس قبضو ڪريو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اوهين پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ نڪرو، تڏهن پاڻ کان وڌيڪ لشڪر، گھوڙا ۽ جنگي گاڏيون ڏسي ڊڄي نہ وڃجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


خداوند نون جي پٽ يشوع کي هدايت ڪري چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندين، جنهن بابت مون ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو آهي. آءٌ پاڻ بہ تو ساڻ هوندس.“


پوءِ موسيٰ يشوع کي سڏي، بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي روبرو کيس چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون هن قوم سان گڏجي انهيءَ ملڪ ۾ ويندين، جنهن بابت خداوند هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو کين عطا ڪندو ۽ تون اهو کين ورثي طور ورهائي ڏيندين.


خداوند پاڻ اوهان جي رهنمائي پيو ڪري. هو اوهان ساڻ ئي رهندو. هو اوهان کي نااميد نہ ڪندو، نڪي اوهان کي ڇڏي ڏيندو. سو اوهين نہ ڊڄو، نڪي بي‌همت ٿيو.“


جيئن تہ خداوند اوهان جو خدا، رحيم خدا آهي، سو هو اوهان کي نہ تہ ڇڏي ڏيندو، نڪي برباد ڪندو ۽ نہ ئي وري انهيءَ عهد کي وساريندو جيڪو هن قسم کڻي اوهان جي ابن ڏاڏن سان ٻڌو آهي.“


تڏهن بہ اوهين هنن کان نہ ڊڄجو، بلڪ اهو ياد ڪجو تہ خداوند اوهان جي خدا، فرعون ۽ سڀني مصرين سان ڇا ڇا ڪيو.


هاڻ اي منهنجا پٽ! جيڪو فضل تو کي عيسيٰ مسيح ۾ عطا ٿيو آهي، تنهن سان پختو ٿيءُ.


پئسي سان پيار نہ رکو. جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ فرمايو آهي تہ ”آءٌ هميشہ تو ساڻ آهيان. آءٌ تو کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندس.“


ڏس، مون تو کي حڪم ڪيو آهي تہ مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ. نڪي ڊڄ نڪي بي‌همت ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ جيڏانهن بہ تون ويندين تيڏانهن آءٌ خداوند تنهنجو خدا تو سان گڏ هوندس.“


پوءِ يشوع انهن سالارن کي چيو تہ ”نڪي ڊڄو نڪي بي‌همت ٿيو. اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي سڀني دشمنن سان ائين ئي ڪندو، جن سان اوهين وڙهندا.“


پر جيڪي ڊڄڻا، ايمان کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت‌پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


خداوند پنهنجي عظيم نالي جي سببان، پنهنجيءَ قوم کي ڇڏي ڪين ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي مرضيءَ موجب اوهان کي پنهنجي قوم بڻايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ