شريعت جو دور 31:3 - Muslim Sindhi Bible3 سو هاڻي خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان جي اڳيان پار هلندو. هو انهن قومن کي اوهان جي اڳيان برباد ڪندو ۽ اوهين انهن جي ملڪ تي قبضو ڪندا. خداوند جي فرمان مطابق يشوع اوهان جي اڳواڻي ڪندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 سو هاڻي خداوند تنهنجو خدا تنهنجي اڳيان پار ويندو؛ ۽ هو انهن قومن کي تنهنجي اڳيان برباد ڪندو، ۽ تون انهن تي قبضو ڪندين: ۽ يشوع تنهنجي اڳيان پار ويندو، جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارن ڪاهنن کي حڪم ڏي تہ هو اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر اچن.“ سو يشوع ڪاهنن کي حڪم ڏنو تہ ”اوهين اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر اچو.“ تڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارا ڪاهن بہ اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر آيا ۽ جيئن ئي انهن پنهنجا پير سڪيءَ زمين تي رکيا، تہ اردن درياءَ جو وهڪرو وري شروع ٿي ويو ۽ اڳي وانگر پاڻي ڪنارن کان ٻاهر وهڻ لڳو. انهيءَ ڏينهن خداوند بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي نظرن ۾ يشوع کي سرفراز ڪيو ۽ بني اسرائيل سندس سڄي حياتيءَ تائين کانئس اهڙو ڊڄندا رهيا جهڙو موسيٰ کان ڊڄندا هئا.