Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 31:16 - Muslim Sindhi Bible

16 خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ سمهي پوندين؛ ۽ ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ جي لاءِ وڃن ٿا، اُتي جي ڌارين معبودن جي پيروي ڪري زناڪاري ڪندا، ۽ مون کي ڇڏي ڏيندا، ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ڪيو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 31:16
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ وفات ڪيائين. هو ٻڍو ۽ پير مرد ٿي وڏي ڄمار ماڻي وڃي پنهنجن سان مليو.


جڏهن يعقوب جي وفات جو وقت ويجھو آيو تڏهن پنهنجي پٽ يوسف کي پاڻ وٽ گھرائي چيائين تہ ”جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پنهنجو هٿ منهنجي ران جي هيٺان رکي چئُہ تہ تون مون سان مهرباني ۽ وفاداريءَ جو سلوڪ ڪندي مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪندين.


پر جڏهن آءٌ وڃي پنهنجن وڏن سان ملان، تڏهن مون کي مصر مان کڻي وڃي اتي دفن ڪجانءِ جتي هو دفن ٿيل آهن.“ يوسف جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين چئو ٿا تيئن ئي ڪندس.“


جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا ۽ تون وفات ڪري وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين، تڏهن تو کان پوءِ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي آءٌ کڙو ڪندس ۽ هن جي بادشاهت بہ قائم ڪندس.


نہ تہ جڏهن توهان وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سمهندا تڏهن آءٌ ۽ منهنجو پٽ سليمان مجرم ليکيا وينداسون.“


الياس ورندي ڏيئي کيس چيو تہ ”مون اسرائيل کي نہ آزاريو آهي. پر تو ۽ تنهنجي پيءُ عمريءَ جي گھراڻي اسرائيل کي آزاريو آهي. تو خداوند جي حڪمن کي مڃڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ بعل ديوتا جي پٺيان لڳو آهين.


الياس ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ تو خداوند، قادرِمطلق خدا لاءِ تمام سرگرم رهيو آهيان، جڏهن تہ اسرائيل وارن تنهنجي عهد کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنجيون قربان‌گاهون ڀڃي ڇڏيون اٿن ۽ تنهنجي نبين کي تلوار سان ماري ڇڏيو اٿائون. انهن نبين مان رڳو آءٌ ئي وڃي بچيو آهيان ۽ هاڻ هو مون کي بہ مارڻ پٺيان آهن.“


اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو هنن خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي. هو خدا سان ٻڌل عهد ٽوڙيندي انهن سڀني حڪمن تي نہ هليا جيڪي خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين ڏنا هئا. هنن نہ تہ انهن حڪمن تي عمل ڪيو ۽ نہ ئي وري انهن ڏانهن ڪو ڌيان ڏنائون.


انهن ئي ڏينهن ۾ حزقياہ بادشاهہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ کي وڃي پهتو. تڏهن يسعياہ نبي وٽس ويو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’پنهنجي گھر جي باري ۾ تو کي جيڪي ڪجھہ ڪرڻو آهي، سو ڪري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ تون مرڻ وارو آهين ۽ وري صحتياب نہ ٿيندين.‘“


ايتري قدر جو يهورام يهوداہ جي جبلن تي غير معبودن جا پوڄا گھر بہ ٺهرايا. اهڙيءَ طرح هن يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن کي خدا کان ڦيري کين گمراهہ ڪري ڇڏيو.


جيتوڻيڪ انهن شريرن جو بدن اڃا جوان ۽ مضبوط هوندو، تنهن هوندي بہ هو جلد ئي وڃي مٽيءَ سان مٽي ٿيندا.


ائين ڪرڻ سان هنن خداوند سان بي‌وفائي ڪئي، ۽ پنهنجي انهن افعالن جي ڪري هو پاڻ بہ پليت ٿيا.


ڏس، تو کي جيڪي بہ ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ فنا ٿيندا. هائو، جيڪي بہ تو کان ڦري بي‌وفا ٿا ٿين، تن سڀني کي تون برباد ڪري ڇڏيندين.


ٻئي ڏينهن اهي صبح جو سوير اٿيا ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ڪيائون. هنن سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ جانور ذبح ڪيا. پوءِ ماڻهن ويهي کاڌو پيتو ۽ اُٿي عياشيءَ ۾ لڳي ويا.


خبردار، اوهان انهيءَ ملڪ جي رهاڪن سان ڪو عهد نہ ڪجو. انهيءَ سبب جو جڏهن اهي پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪن ۽ پنهنجن ديوتائن جي لاءِ قرباني ڪن، تہ متان انهن مان ڪو اوهان کي دعوت ڏئي ۽ اوهين انهن جي قربانيءَ منجھان ڪجھہ کائو.


مون ڄاتو ٿي تہ اوهان جي هلت چلت تمام دغابازيءَ واري آهي، ۽ ڄمڻ کان وٺي اوهين باغي ٿا سڏجو. تنهنڪري مون جيڪي ڪجھہ چيو ٿي، سو اوهان ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ نہ چاهيو، بلڪ قديم وقت کان ئي اوهان جا ڪن بند هئا.


اهو عهد انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو، جڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندي کين مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. هنن اهو عهد ٽوڙي ڇڏيو هو، توڙي جو آءٌ سندن مالڪ هئس.


ٿي سگھي ٿو تہ هو خداوند اڳيان آزي نيزاري ڪن ۽ انهن مان هر ڪو پنهنجي غلط رستي کان باز اچي وڃي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا ڪاوڙ ۽ جيڪو غضب خداوند انهيءَ قوم خلاف ظاهر ڪيو آهي سو تمام شديد آهي.“


پر تو پنهنجي خوبصورتيءَ جو ناجائز فائدو ورتو ۽ پنهنجي مشهوريءَ جي وسيلي زناڪاري ڪرڻ لڳينءَ. تون پاڻ وٽان لنگھندڙ هر واٽهڙوءَ سان ٿي سمهينءَ ۽ انهيءَ جي ٿي وئينءَ ٿي.


خداوند شروع ۾ هوسيع کي فرمايو تہ ”اي هوسيع! جيئن تہ اسرائيل وارا هڪ بي‌وفا زال وانگر مون خداوند کان ڦري ويا آهن. سو تون وڃي هڪڙي بي‌وفا عورت سان شادي ڪر ۽ سندس ئي جهڙا ٻار پيدا ڪر.“


اسان جا اهي بادشاهہ اجايون ڳالهيون ڪندا هئا، عهد اقرار ڪرڻ وقت ڪوڙا قسم کڻندا هئا، ۽ سندن عدالتون غلط فيصلا ڏينديون هيون. اهي فيصلا اسان لاءِ ائين ٿيندا رهيا، جيئن زمين مان نڪرندڙ زهريلا ٻوٽا.“


۽ جيڪڏهن اوهين منهنجي قانونن کي ڇڏي ڏيندا، يا جيڪڏهن اوهان جي دل منهنجي فيصلن کان نفرت ڪندي، جنهن سبب اوهين منهنجي سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا ۽ اهڙيءَ طرح مون سان ٻڌل عهد کي ٽوڙي ڇڏيندا،


انهيءَ ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ تون بہ پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين،


خدا پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو.


غير معبودن ڏانهن ڦري جيڪي برايون هنن ڪيون هونديون، تن سڀني جي ڪري آءٌ ضرور کانئن پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس.


پر خدا جا اهي پيارا جڏهن کائي پئي ٿلها متارا ٿيا، تڏهن سندن پيٽ ڀرجي ويو ۽ اهي لتون هڻڻ لڳا. پوءِ جنهن خدا کين جوڙيو هو تنهن کي ڇڏي ڏنائون، ۽ پنهنجي انهيءَ طاقتور ڇڏائيندڙ کي حقير ڄاتائون.


جنهن جبل تي تون چڙهڻ وارو آهين تنهن تي تون وفات ڪندين ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين، جهڙيءَ طرح تنهنجو ڀاءُ هارون هور جبل تي مري ويو ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏيو.


سو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، خداوند جي چوڻ موجب اتي موآب جي ميدان ۾ ئي وفات ڪئي.


مثال طور جڏهن اوهان منجھان ٻار ۽ ٻارن جا ٻار پيدا ٿيندا ۽ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ رهندي گھڻو عرصو ٿي ويندو، پوءِ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي خراب ڪري ڪنهن شيءِ جي شڪل بڻائيندا ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نظر ۾ اهڙو خراب ڪم ڪري کيس ڪاوڙائيندا،


بيشڪ هن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آهن، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ جي عدالت ڪئي، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو هو. خدا هن کان پنهنجي ٻانَهن جي خون جو بدلو ورتو.“


پوءِ بہ اوهان مون کي ڇڏي غير معبودن جي پوڄا پئي ڪئي آهي. سو هاڻ آءٌ اوهان کي وري ڪونہ ڇڏائيندس.


بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو بعل ۽ عستارات معبودن ۽ ارام، صيدا، موآب، بني عمون ۽ فلستين جي معبودن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن خداوند کان منهن موڙيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏنائون.


پوءِ بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ هو بعل ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


هنن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن سندن ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آندو هو. هو پنهنجي آس‌پاس وارين ٻين قومن جي معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن انهن کي سجدو ڪري خداوند کي ڪاوڙايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ