Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 31:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اوهين سڀني ماڻهن يعني مردن، عورتن، ٻارن ۽ جيڪي ڌاريا اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، تن سڀني کي گڏ ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ هو اها شريعت ٻڌن ۽ خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکندي انهيءَ جي سڀني ڳالهين تي خبرداريءَ سان عمل ڪرڻ سکن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ تون سڀني ماڻهن کي، يعني مردن ۽ زالن ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي پرديسي تنهنجي شهر ۾ هجن، تن سڀني کي گڏ ڪج، تہ اهي ٻڌن، ۽ سکن، ۽ خداوند تنهنجي خدا کان ڊڄندا رهن، ۽ هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي خبرداريءَ سان عمل ڪن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 31:12
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن وقت عزرا خدا جي گھر اڳيان گوڏا کوڙي روئندي دعا پئي گھري ۽ گناهہ پئي باسيا، تنهن وقت هن جي چوڌاري بني اسرائيل جي مردن، عورتن ۽ ٻارن جو هڪ وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو. اهي بہ زاروزار روئڻ لڳا.


سو اهي موسيٰ جي حڪم موجب، سڀ ڪجھہ ساڻ ڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڳيان آيا ۽ سڄي قوم ويجھو اچي خداوند جي حضور ۾ بيٺي.


تڏهن گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ ٻيا اهي سڀ ماڻهو جيڪي بابل جي جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن سڀني اهو ئي ڪجھہ ڪيو جنهن جو خداوند سندن خدا کين حڪم ڏنو هو. هنن خداوند جو خوف رکندي حجيءَ جي معرفت مليل پيغام تي عمل ڪيو.


اوهين پاڪ ڪلام انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي دائمي زندگي ملندي، جڏهن تہ اهو پاڪ ڪلام بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو.


موسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”غيب جو مالڪ تہ خداوند اسان جو خدا ئي آهي، پر جيڪي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن، سي هميشہ لاءِ اسان ۽ اسان جي اولاد جي لاءِ آهن، انهيءَ لاءِ تہ اسين هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪريون.“


تنهنڪري اوهين هن عهد جي ڳالهين کي مڃي، انهن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيڪي ڪريو تنهن ۾ ڪامياب ٿيو.


اهڙيءَ طرح اوهان جو اولاد، جن کي هن شريعت جي باري ۾ ڄاڻ ڪانہ هجي، سي بہ ٻڌن ۽ خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکندي انهيءَ تي عمل ڪرڻ سکن، جيستائين اوهان جو نسل انهيءَ ملڪ ۾ زندگي گذاريندو رهي، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار وڃڻ وارا آهيو.“


خاص ڪري انهيءَ ڏينهن واريون ڳالهيون کين سيکارجو، جنهن ڏينهن اوهين سينا جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا هئا. ان وقت خداوند مون کي فرمايو هو تہ ’بني اسرائيل قوم کي منهنجي اڳيان آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو فرمان ٻڌايان، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي سڄي حياتي جيستائين هو زمين تي جيئرا رهن تيستائين مون کان ڊڄڻ سکن ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ اهو سيکارين.‘


سڀ بني اسرائيل ڌارين سميت پنهنجن اڳواڻن، عملدارن ۽ ججن سان گڏ خداوند جي عهد واري صندوق جي ٻنهي پاسن کان انهيءَ صندوق جي کڻي هلندڙ لاوي ڪاهنن ڏانهن منهن ڪيو بيٺا هئا. ماڻهن مان اڌ جيترا گرزيم جبل جي سامهون بيٺا هئا ۽ اڌ جيترا عيبال جبل جي سامهون. خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي برڪت حاصل ڪرڻ جي وقت ائين ڪرڻ لاءِ اڳي ئي اهڙو حڪم ڏيئي ڇڏيو هو.


سو جن ڳالهين جو موسيٰ حڪم ڏنو هو، تن مان هڪڙي بہ ڳالهہ اهڙي نہ رهي جيڪا يشوع بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم اڳيان نہ پڙهي هجي. اتي عورتون، ٻار ۽ قوم ۾ رهندڙ ڌاريا بہ موجود هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ