Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 30:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اوهين ڦري خداوند جي فرمانبرداري ڪندا ۽ سندس انهن سڀني حڪمن تي عمل ڪندا، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ تون موٽي وڃي خداوند جي فرمانبرداري ڪندين، ۽ هن جا حڪم جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي عمل ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 30:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انسان پنهنجيءَ دل ۾ ڪهڙا بہ منصوبا جوڙي ٿو، مگر سندس زبان مان اهو ئي ٿو نڪري، جيڪو خداوند چاهي ٿو.


اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


ٿي سگھي ٿو جڏهن يهوداہ وارا ان سڄي مصيبت بابت ٻڌن جيڪا آءٌ مٿن آڻڻ جو ارادو رکان ٿو، تڏهن اهي سڀيئي پنهنجي بڇڙين واٽن کان مڙي پون. پوءِ آءٌ انهن جي بڇڙائي ۽ گناهہ معاف ڪري ڇڏيندس.“


آءٌ پنهنجو روح اوهان منجھہ وجھندس ۽ اوهان کان پنهنجي قاعدن قانونن جي پيروي ڪرائيندس. هائو، پوءِ اوهين منهنجي حڪمن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان ڪو هڪڙو سندن بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سڀني تي چڱي ڌنار وانگر حڪمراني ڪندو. اهي منهنجي حڪمن تي هلندا ۽ منهنجي قاعدن قانونن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


مسيح انهن جو خدا سان ميل ميلاپ ڪرائي ٻنهي کي هڪڙو بدن بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پنهنجي صليبي موت وسيلي انهن جي دشمني ختم ڪرائي ڇڏيائين.


جيڪڏهن اوهين ۽ اوهان جو اولاد خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تن سڀني موجب پوري دل وَ جان سان سندس فرمانبرداري ڪندا،


خداوند اوهان جو خدا اهي سڀ لعنتون اوهان جي دشمنن تي وجھندو، جن اوهان کان نفرت ڪئي ۽ اوهان کي تڪليف ڏني.


خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سموري ڪاروبار، اولاد، چوپائي مال ۽ ٻنيءَ جي پيداوار کي گھڻو وڌائي اوهان کي سکي ڪندو. خداوند جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن تي راضي هو، تيئن هو اوهان تي وري راضي ٿيندو ۽ اوهان سان ڀلائي ڪندو.


جڏهن تہ اهو خدا ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ