Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 30:5 - Muslim Sindhi Bible

5 خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ئي ملڪ ۾ آڻيندو جنهن تي اوهان جي ابن ڏاڏن جو قبضو هو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ان تي قبضو ڪريو. پوءِ هو اوهان سان ڀلائي ڪندو ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کان بہ اوهان کي گھڻو وڌائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ آڻيندو جنهن تي تنهنجي ابن ڏاڏن جو قبضو هو؛ ۽ جنهن تي تنهنجو قبضو ٿيندو؛ ۽ هو توسان ڀلائي ڪندو، ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ توکي گهڻو وڌائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 30:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ تون ڪيڏو نہ ڀلو ۽ ٻاجھارو آهين! اي خداوند! تون مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکار.


هائو، آءٌ اوهان سان راضي ٿيندس ۽ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن کان، جن ڏانهن مون اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو اوهان کي موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘


ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم يعني اسرائيل وارن ۽ يهوداہ وارن جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو. هو انهيءَ ملڪيت جا وارث ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تڏهن يروشلم شهر منهنجي لاءِ دنيا جي سڀني قومن اڳيان خوشيءَ، واکاڻ ۽ فخر جو باعث بڻبو. سو جيڪي چڱيون ڳالهيون آءٌ هن شهر لاءِ ڪندس ۽ انهيءَ کي بيحد خوشحالي ۽ امن عطا ڪندس، تن بابت ٻڌي اهي قومون خوف وچان ڏڪڻ لڳنديون.“


آءٌ اوهان تي انسان توڙي جانور گھڻي انداز ۾ وڌائيندس. اهي گھڻا ٿيندا ۽ وڌندا ويجھندا. آءٌ اوهان کي اڳي وانگر وري آباد ڪندس، بلڪ اڳي کان بہ وڌيڪ اوهان تي احسان ڪندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ وري اوهان بني اسرائيل قوم وارن جون دعائون ٻڌندس ۽ اوهان جي قوم کي ايترو تہ وڌائيندس جو اوهين رڍن جي وڏي ڌڻ وانگر ٿي ويندا.


موسيٰ پنهنجي سهري يٿروءَ جي پٽ حوباب کي چيو تہ ”اسين انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃڻ وارا آهيون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ ’آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس.‘ هن بني اسرائيل کي خوشحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. سو تون اسان سان هل ۽ اسين تو کي ان خوشحاليءَ ۾ پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسون.“


برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل انهن شين منجھان ڪابہ شيءِ اوهان وٽ نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند کي اوهان تي جيڪا خوفناڪ ڪاوڙ آهي، تنهن کان هو مڙي وڃي ۽ اوهان تي رحم ڪري ۽ مهربان ٿئي. پوءِ جيئن هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي تيئن هو اوهان کي وڌائي.


هو اوهان کي پيار ڪندو، برڪت ڏيندو ۽ اوهان کي وڌائيندو. جيڪو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجھہ اوهان جي اولاد ۾ ۽ زمين جي پيداوار يعني اناج ۾، مئي ۾، زيتون جي تيل ۾ ۽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڌڻن ۾ برڪت وجھندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ