Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 30:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پر اهو ڪلام اوهان کي تمام ويجھو آهي. اهو اوهان جي زبان تي ۽ اوهان جي دل وَ دماغ ۾ آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مٿس عمل ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر اهو ڪلام توکي تمام ويجهو آهي: اهو تنهنجي وات ۾، ۽ تنهنجيءَ دل ۾ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون مٿس عمل ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 30:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو هنن کي وڻ وانگر پوکيو آهي ۽ هاڻي هو پاڙ هڻي ويا آهن. هو وڌن ويجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا. تون هنن جي چپن تي تہ آهين، پر سندن دلين کان دور آهين.


جيئن تہ اهي باغي آهن، سو تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن يا نہ، پر گھٽ ۾ گھٽ هو ايترو تہ ڄاڻي وٺندا تہ منجھن ڪو نبي اچي ويو آهي.


سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


پر جڏهن سزا بابت تنهنجيون اڳڪٿيون پوريون ٿينديون، هائو، اهي سڀيئي ضرور پوريون ٿينديون، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ منجھن ڪو نبي موجود آهي.“


”جيڪي مون کي ’خداوند، خداوند‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اهي داخل ٿيندا جيڪي منهنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ موجب هلن ٿا.


جيڪڏهن اوهين موسيٰ تي يقين ڪريو ها تہ مون تي بہ يقين ڪريو ها، ڇو تہ هن مون بابت لکيو آهي.


اي ابراهيم جو اولاد، منهنجا هم‌قوم بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي خداپرست غير يهوديؤ! انهيءَ ڇوٽڪاري وارو پيغام اسان سڀني ڏانهن موڪليو ويو آهي.


نڪي اهو سمنڊ جي پرينءَ ڀر آهي جو اوهين چئو تہ ’ڪير اسان جي لاءِ سمنڊ جي پار ويندو ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو تہ اسين انهيءَ تي عمل ڪريون؟‘


ڏسو، اڄوڪي ڏينهن مون اوهان جي اڳيان زندگي ۽ ڀلائي، موت ۽ بڇڙائي ٻئي رکيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ