Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 30:13 - Muslim Sindhi Bible

13 نڪي اهو سمنڊ جي پرينءَ ڀر آهي جو اوهين چئو تہ ’ڪير اسان جي لاءِ سمنڊ جي پار ويندو ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو تہ اسين انهيءَ تي عمل ڪريون؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 نڪي اهو سمنڊ جي پرئين ڀر آهي، جو تون چوين تہ ڪير اسان جي لاءِ سمنڊ جي پار ويندو، ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو، تہ اسين انهي تي عمل ڪريون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 30:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شفقت ۽ سچائيءَ جي وسيلي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري سگھجي ٿو، بلڪ خداوند جو خوف رکڻ سان انسان بڇڙائيءَ کان باز رهي سگھي ٿو.


بيشڪ آءٌ هيرن جواهرن کان وڌيڪ قيمتي آهيان، بلڪ اهي سڀ شيون جيڪي اوهان کي بيحد خوشي ڏين ٿيون، سي بہ مون آڏو ڪين جهڙيون آهن.


قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ وڏي پنڌ تان سليمان بادشاهہ جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ عظيم آهي.“


فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انهيءَ کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جنهن مان دائمي زندگي ٿي ملي. اهو کاڌو ابنِ آدم اوهان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ پيءُ يعني خدا هن تي اختياريءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي.“


انهن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪُرنيليس اسان کي موڪليو آهي. هو هڪ نيڪ ۽ خداپرست ماڻهو آهي ۽ يهودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس. هن کي خدا جي هڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آهي تہ هو تو کي پنهنجي گھر سڏائي تنهنجي واتان تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي.“


تنهنڪري مون جلدي اوهان ڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اها اوهان جي وڏي مهرباني آهي جو اوهين آيا آهيو. هاڻي اسين سڀ انهيءَ لاءِ خدا جي آڏو حاضر ٿيا آهيون تہ جيڪي ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سي ٻڌون.“


اتي رات جو پولس رويا ڏٺي جنهن ۾ مڪدُنيا صوبي جو هڪڙو ماڻهو بيهي منٿ ڪري کيس چوي پيو تہ ”سائين! پار ٽپي مڪدُنيا ۾ اچو ۽ اسان جي مدد ڪريو.“


اهو مٿي آسمان ۾ تہ ڪونهي، جو اوهين چئو تہ ’ڪير اسان جي لاءِ آسمان تي چڙهي ويندو ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو تہ اسين انهيءَ تي عمل ڪريون؟‘


پر اهو ڪلام اوهان کي تمام ويجھو آهي. اهو اوهان جي زبان تي ۽ اوهان جي دل وَ دماغ ۾ آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مٿس عمل ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ