Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 30:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پر انهيءَ لاءِ شرط هي آهي تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا ۽ سندس جيڪي حڪم ۽ قانون، شريعت جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن تي عمل ڪندا، بلڪ پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جا طالبو رهندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندين، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون، شريعت جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندين؛ ۽ پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 30:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ پوءِ جيڪي اوهان مان توڙي جو ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تي بہ جلاوطن ٿي ويا هوندا تہ آءٌ انهن کي اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جيڪو هنڌ مون پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي.‘


پر جيڪڏهن ڪو بدڪار ماڻهو پنهنجي سڀني گناهن کان باز ايندو ۽ توبهہ‌تائب ٿيندو ۽ منهنجي سڀني قاعدن قانونن کي مڃيندي انهن تي انصاف ۽ سچائيءَ سان عمل ڪندو تہ اهو ضرور جيئرو رهندو ۽ لوڙيندو نہ.


سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟


وري فرض ڪريو تہ آءٌ ڪنهن بدڪار کي چوان تہ ’تون ضرور مرندين،‘ پر پوءِ هو پنهنجي گناهن کان توبهہ‌تائب ٿي عدل ۽ انصاف موجب زندگي گذاري ٿو.


جيڪڏهن ڪو بدڪار ماڻهو پنهنجي بدڪارين کي ڇڏي حق ۽ سچ جو رستو اختيار ڪري ٿو، تڏهن هو پنهنجي نيڪ ڪمن ڪري ضرور جيئرو رهندو.


اي يهوداہ وارؤ! ڏسو، پري پري رهڻ وارا بہ اچي خداوند جي هيڪل ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي. جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند پنهنجي خدا جا فرمانبردار رهندا تہ پوءِ اهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.


پهريائين دمشق، پوءِ يروشلم شهر سميت يهوديہ جي سڄي علائقي ۽ غير قومن ۾ پڻ مون اها تبليغ ڪئي تہ اهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن ۽ اهڙا ڪم ڪن جن مان خبر پوي تہ هنن سچ پچ توبهہ ڪئي آهي.


تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ خدا ڏانهن اچو تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن،


طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر خدا جي حڪمن تي هلڻ ئي سڀ ڪجھہ آهي.


عهد جون سڀ لعنتون جيڪي شريعت جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن موجب سزا ڏيڻ لاءِ خداوند انهيءَ کي بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ڪڍي ڌار ڪندو.


”تنهنڪري هي حڪم جيڪو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ڏيان ٿو، سو اوهان جي لاءِ گھڻو ڏکيو ناهي، نڪي اهو اوهان جي وس کان ٻاهر آهي.


جيڪڏهن اوهين ۽ اوهان جو اولاد خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تن سڀني موجب پوري دل وَ جان سان سندس فرمانبرداري ڪندا،


اوهين ڦري خداوند جي فرمانبرداري ڪندا ۽ سندس انهن سڀني حڪمن تي عمل ڪندا، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو.


پر اتي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا تہ هو اوهان سان پرچي پوندو، پر شرط هي آهي تہ اوهين پوريءَ دل وَ جان سان سندس طالبو ٿيو.


سو اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پيار ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ