Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 30:1 - Muslim Sindhi Bible

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو جڏهن اِهي سڀ ڳالهيون يعني برڪتون ۽ لعنتون جيڪي مون اوهان جي اڳيان رکيون آهن، سي اوهان تي اچي پون، تڏهن اوهين انهن سڀني قومن منجھہ انهن کي ياد ڪندا، جن ۾ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيندو، تہ جڏهن هي سڀ ڳالهيون توتي اچي پونديون، يعني برڪت ۽ لعنت، جا مون تنهنجي اڳيان رکي آهي، ۽ جن جن قومن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي هڪالي موڪليندو، تن سڀني ۾ تون انهن کي ياد ڪندين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 30:1
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون مون کي پنهنجي حضوريءَ ۽ ملڪ مان ڪڍين ٿو پيو. آءٌ زمين تي رلندو ۽ ڌڪا کائيندو وتندس ۽ جيڪو مون کي ڏسندو سو ماري وجھندم.“


تڏهن تون عرش عظيم ۾ انهن جي ٻڌج. تون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي انهيءَ گناهہ جي معافي ڏج ۽ جيڪو ملڪ تو سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن ۾ کين موٽائي آڻج.


جيڪڏهن اوهين خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا، تہ هو انهن جي دل ۾ رحم وجھندو جيڪي اوهان جي مائٽن ۽ اوهان جي اولاد کي قيد ڪري وٺي ويا آهن ۽ اهي جلاوطن ٿيل وري هن ملڪ ڏانهن موٽي ايندا. خداوند اوهان جو خدا فضل ۽ رحم وارو آهي. جيڪڏهن اوهين هن آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا تہ هو بہ اوهان کان منهن نہ موڙيندو.“


پر جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ پوءِ جيڪي اوهان مان توڙي جو ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تي بہ جلاوطن ٿي ويا هوندا تہ آءٌ انهن کي اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جيڪو هنڌ مون پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي.‘


اي گنهگارؤ! منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏيو ۽ سمجھہ ڌاريو. هنن ڳالهين تي چڱيءَ طرح سوچ ويچار ڪريو.


هائو، آءٌ اوهان سان راضي ٿيندس ۽ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن کان، جن ڏانهن مون اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو اوهان کي موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘


اوهين رڳو پنهنجو گناهہ باسيو تہ اوهان منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڌارين معبودن ڏانهن رجوع ڪيو اٿوَ ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪانہ ڪئي اٿوَ.


انهيءَ خراب قوم مان جيڪي باقي بچندا ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هوندو، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا. آءٌ قادرِمطلق خداوند ائين ٿو چوان.“


جيئن تہ هو سوچي سمجھي پنهنجي سڀني ڪيل گناهن کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو، تنهنڪري هو يقيناً جيئرو رهندو ۽ موت جي سزا نہ لوڙيندو.


جتي اهي جلاوطن ٿي رهندا. پوءِ جڏهن هو منهنجي باري ۾ سوچيندا تہ محسوس ڪندا تہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪندي ۽ بتن جي پوڄا ڪندي منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. تڏهن اهي پنهنجي ڪيل ڪراهت جهڙن ڪمن سبب پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندا.


جيتوڻيڪ مون کين غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي، تہ بہ هو ڏورانهن ملڪن ۾ مون کي ياد ڪندا. هو پنهنجي اولاد سميت زندہ رهندا ۽ وطن موٽي ايندا.


آخرڪار هن پاڻ سنڀاليو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منهنجي پيءُ جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رهن، پر آءٌ هتي بک پيو مران.


خداوند اوهان کي چريائيءَ، انڌاپي ۽ دماغي پريشانيءَ سان سٽي وجھندو.


خداوند اوهان کي ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين سڀني قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. اُتي اوهين انهن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا، جن کي اوهان يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو.


تنهنڪري خداوند هن ملڪ تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ جيڪي لعنتون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، سي سڀ انهن تي موڪليائين.


خداوند سخت غصي ۽ قهر ۾ ڀرجي سندن ئي ملڪ مان هنن جي پاڙ پٽي ڪڍي ۽ کين ڌارئي ملڪ ۾ اڇلايائين، جيئن اڄوڪي ڏينهن اوهين ڏسو ٿا.‘“


ڏسو، اڄوڪي ڏينهن مون اوهان جي اڳيان زندگي ۽ ڀلائي، موت ۽ بڇڙائي ٻئي رکيا آهن.


آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان تہ مون زندگي ۽ موت، برڪت ۽ لعنت ٻئي اوهان جي اڳيان رکيا آهن. تنهنڪري اوهين زندگيءَ جي چونڊ ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ۽ اوهان جو اولاد جيئرو رهي،


بيشڪ جڏهن خداوند ڏسندو تہ سندس قوم ۾ ڪا طاقت نہ رهي آهي، ايتري قدر جو ڄڻ تہ قيدين توڙي آزادن مان ڪوبہ جيئرو ناهي رهيو، تڏهن هو پنهنجي قوم تي قياس ڪري سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ