Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جيئن اسان حشبون جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، تيئن ئي اسان هنن سڀني آباد شهرن کي مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت بلڪل برباد ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ اسان اهي بلڪل برباد ڪري ڇڏيا، جيئن ڪ حسبون جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هوسين، يعني هرڪو آباد شهر، زالن ۽ ٻارن سميت، بلڪل برباد ڪري ڇڏيوسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ هڪ باس باسي تہ ”جيڪڏهن تون سچ پچ هنن ماڻهن تي اسان کي فتح ڏيندين تہ اسين هنن جي شهرن جون پاڙون پٽي ڇڏينداسين.“


اهو ان وقت کان پوءِ ٿيو هو جڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون کي، جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو شڪست ڏيئي ماريو هو ۽ ان کان پوءِ بسن جو بادشاهہ عوج، جيڪو عشتارات تي راڄ ڪندو هو تنهن کي پڻ ادرعيءَ ۾ شڪست ڏيئي ماريو هئائين.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موآب مان لنگھي وڃڻ کان پوءِ خداوند اسان کي فرمايو تہ ’هاڻي اوهين اُٿي روانا ٿيو ۽ برساتي نهر ارنون مان لنگھي پار وڃو. ياد رکو، مون حشبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي سندس ملڪ سميت اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اوهين انهيءَ جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪريو ۽ ساڻس جنگ ڪريو.


انهيءَ وقت ئي اسان هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا ۽ هر ڪنهن آباد شهر کي مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت بلڪل برباد ڪري ڇڏيو. اسان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو.


جيتوڻيڪ اوهان وٽ کائڻ لاءِ نڪا ماني هئي، نڪي مئي يا ڪو ٻيو نشو پيئڻ لاءِ هو، تہ بہ خداوند اوهان جي هر ضرورت پوري ڪئي، تان‌تہ اوهين ڄاڻو تہ هو ئي خداوند اوهان جو خدا آهي.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ ’هن کان نہ ڊڄو. مون هن کي، سندس سڀني ماڻهن کي ۽ سندس سڄي ملڪ کي توهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. توهين هن سان بہ ائين ئي ڪجو جيئن توهان امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو.‘


اهي سڀ شهر ڪوٽ وارا هئا. انهن کي اوچيون ڀتيون ۽ دروازا هئا، جيڪي گزن سان مضبوط ٿيل هئا. انهن کان سواءِ اسان ڪيترائي اهڙا ڳوٺ بہ هٿ ڪيا جن کي ڪوٽ ڏنل نہ هئا.


انهن شهرن جو چوپايومال ۽ ٻيو لٽ جو مال بني اسرائيل پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيو. پر سڀني ماڻهن کي هنن تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ