Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:4 - Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ وقت ئي اسان هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا، ڪوبہ اهڙو شهر باقي نہ بچيو جيڪو اسان هٿ نہ ڪيو. اهڙيءَ طرح ارجُوب جو سڄو علائقو، جيڪو بسن ۾ عوج جي بادشاهت ۾ شامل هو ۽ جنهن ۾ سٺ شهر هئا سو اسان جي قبضي ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ اسان انهي وقت هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا؛ ۽ اهڙو هڪڙو شهر بہ ڪونہ بچيو جو اسان هنن کان نہ ورتو؛ يعني ارجوب جو سارو ملڪ، جتي بسن واري عوج جي بادشاهت هئي، ۽ جنهن ۾ سٺ شهر هئا، سو اسان جي قبضي ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بن‌جبر: جِلعاد واري رامات شهر مٿان ۽ جِلعاد جي انهن ڳوٺن مٿان جيڪي منسيءَ جي اولاد مان يائير جي نسل جا آهن ۽ بسن واري ارجُوب علائقي مٿان، جتي جملي سٺ شهر ڪوٽن سان آهن، جن جي ٻاهرين دروازن تي پتل جا گز لڳل آهن.


سو بني اسرائيل عوج بادشاهہ کي، سندس پٽن کي ۽ سندس سڄيءَ قوم کي ماري ڇڏيو، ايتري قدر جو ڪو هڪڙو ماڻهو بہ هنن جي هٿان زندہ نہ بچيو. پوءِ هنن سندس ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو.


جِلعاد جو باقي حصو ۽ سڄو بسن، جيڪو عوج جي بادشاهت ۾ هو، سو مون منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏنو.“ بسن ۾ ارجُوب جي سڄي علائقي کي رفائين جو ملڪ بہ سڏيندا هئا.


منسيءَ جو اولاد يائير، جسُورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين ارجُوب جو سڄو علائقو ورتو. هن بسن جي ڪجھہ ڳوٺن کي پنهنجي نالي سان ”يائير جا ڳوٺ“ ڪري سڏيو، جيڪو نالو اڄ تائين هليو اچي.


اهڙيءَ طرح خداوند اسان جي خدا، بسن جي بادشاهہ عوج کي بہ سندس سڀني ماڻهن سميت اسان جي هٿ ۾ ڏنو. اسان انهن جا ايترا ماڻهو ماريا جو سندن هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو.


اهي سڀ شهر ڪوٽ وارا هئا. انهن کي اوچيون ڀتيون ۽ دروازا هئا، جيڪي گزن سان مضبوط ٿيل هئا. انهن کان سواءِ اسان ڪيترائي اهڙا ڳوٺ بہ هٿ ڪيا جن کي ڪوٽ ڏنل نہ هئا.


ان وقت هنن سندس ملڪ کي ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. اهي ٻئي امورين جا بادشاهہ هئا جيڪي اردن درياءَ جي اوڀر پاسي رهندا هئا.


ٻيو بسن جو بادشاهہ عوج هو، جيڪو باقي بچيل رفاعين مان هو ۽ عستارات ۽ ادرعيءَ ۾ ويهي پنهنجي ملڪ تي راڄ ڪندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ