Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:27 - Muslim Sindhi Bible

27 تون پسگاہ جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃ ۽ چئني طرفن ڏانهن نهاري پنهنجين اکين سان ڏس، ڇاڪاڻ تہ تون انهيءَ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ ويندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 تون پسگاهہ جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃ، ۽ الهندي ڏانهن، اُتر ڏانهن، ڏکڻ ڏانهن، ۽ اُڀرندي ڏانهن نهاري پنهنجين اکين سان ڏس: ڇالاءِ جو تون هن يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:27
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي ڇينڀيندي چيو تہ ”جيئن تہ اوهان مون تي يقين نہ ڪيو تڏهن اوهان بني اسرائيل جي اڳيان منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي. تنهنڪري اوهين هن قوم کي انهيءَ ملڪ ۾ نہ پهچائيندا جيڪو آءٌ هنن کي ڏيڻ وارو آهيان.“


سو هو کيس صوفيم جي ميدان ۾ پسگاہ جي چوٽيءَ تي وٺي ويو. اتي بہ بلق ست قربان‌گاهون ٺاهيون ۽ هر هڪ قربان‌گاهہ تي هڪ وهڙي ۽ هڪ گھٽي جي قرباني ڪيائين.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون عباريم جي هن جبل تي چڙهہ ۽ جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان سو ڏس.


اوهان جي ئي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو ۽ چيائين تہ ’موسيٰ! تون بہ انهيءَ زمين ۾ داخل ڪين ٿيندين.


پوءِ کين وڌيڪ چيائين تہ ”اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهہ سال ٿي چڪي آهي، هاڻي آءٌ وڌيڪ اوهان جي اڳواڻي ڪري نہ ٿو سگھان. ٻيو تہ خداوند بہ مون کي چيو آهي تہ ’تون اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر بلڪل نہ ويندين.‘


”تون هن عباريم جابلو علائقي تي چڙهي نبو جبل تي وڃ، جيڪو موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون آهي. اتان تون ڪنعان جو ملڪ ڏس، جيڪو آءٌ بني اسرائيل کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان.


تنهنڪري جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي عطا ڪرڻ وارو آهيان سو تون پري کان پنهنجي سامهون ڏسندين، پر انهيءَ ۾ داخل ڪين ٿيندين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ