Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:21 - Muslim Sindhi Bible

21 انهيءَ وقت مون يشوع کي حڪم ڏيئي چيو تہ ’اوهان پنهنجين اکين سان اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو جيڪو خداوند اوهان جي خدا هنن ٻن بادشاهن سان ڪيو. ساڳيءَ طرح خداوند پرينءَ ڀر بہ سڀني بادشاهتن سان ائين ئي ڪندو، جتي اوهين وڃو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ مون انهي وقت يشوع کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪي خداوند اوهان جي خدا، هنن ٻن بادشاهن سان ڪيو، سو سڀ تو پنهنجين اکين سان ڏٺو: انهيءَ طرح خداوند پرئين ڀر سڀني بادشاهتن سان ڪندو، جتي تون وڃين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:21
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي بہ تنهنجي نالي کان واقف آهن، سي تو تي توڪل ٿا رکن، ڇاڪاڻ تہ جيڪي تنهنجا طالبو آهن، تن کان تون ڪڏهن بہ منهن نہ ٿو موڙين.


هن اسان کي هيبتناڪ موت جي منهن مان بچائي ورتو ۽ بچائيندو رهي ٿو. هن ۾ اميد آهي تہ اسان کي اڃا بہ بچائيندو رهندو.


سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، بي‌عزتين ۾، گھُرجن ۾، ستائجڻ ۾ ۽ مشڪلاتن ۾ خوش ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ ڪمزور هوندو آهيان تڏهن ئي آءٌ طاقتور هوندو آهيان.


واکاڻ ٿي ڪجي انهيءَ قادر جي، جيڪو اسان ۾ اثر ڪندڙ پنهنجي طاقت موجب اسان جي دعا ۽ سوچ کان گھڻو وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو.


جڏهن خداوند اوهان جي قوم وارن کي بہ اهڙو ئي آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين سڀ موٽي پنهنجي هن ملڪيت تي اچجو، جيڪا مون اوهان کي ڏني آهي.‘


سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان جي طرفان جنگ ڪندو.‘“


اهي وڏيون وڏيون آزمائشون اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون. خداوند اوهان جي خدا هيبتناڪ ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي اوهان کي پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ٻاهر ڪڍي آيو. خداوند اوهان جو خدا انهن سڀني قومن سان بہ ائين ئي ڪندو جن کان اوهين ڊڄو ٿا.


پوءِ يشوع انهن سالارن کي چيو تہ ”نڪي ڊڄو نڪي بي‌همت ٿيو. اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي سڀني دشمنن سان ائين ئي ڪندو، جن سان اوهين وڙهندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ