Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:13 - Muslim Sindhi Bible

13 جِلعاد جو باقي حصو ۽ سڄو بسن، جيڪو عوج جي بادشاهت ۾ هو، سو مون منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏنو.“ بسن ۾ ارجُوب جي سڄي علائقي کي رفائين جو ملڪ بہ سڏيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ جلعاد جو باقي ڀاڱو، ۽ سارو بسن، يعني ارجوب جو سمورو ملڪ، جو عوج جي سلطنت ۾ هو، سو مون منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏنو. (بسن کي رفائيم جو ملڪ ٿا سڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چوڏهين سال ڪدرلاعمر ۽ سندس اتحادي بادشاهہ پنهنجين فوجن سان آيا ۽ رفائين کي عشتارات‌قرنيم ۾، زوزين کي هام ۾، ايمين کي سوي‌قريتيم شهر ۾


اردن درياءَ جي اوڀر ۾ ڏاکڻو شهر عروعير، جيڪو برساتي نهر ارنون وٽ آهي، تنهن کان وٺي اتر ۾ جِلعاد علائقي کان ويندي بسن علائقي تائين جيڪي جد، روبن ۽ اوڀر واري منسي قبيلن جا علائقا هئا.


پوءِ جڏهن اوهين هن جاءِ تي آيا، تڏهن حشبون جو بادشاهہ سيحون ۽ بسن جو بادشاهہ عوج اسان جي خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيا، پر اسان انهن کي شڪست ڏني.


اسان انهن جو ملڪ هٿ ڪري، اهو بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو انهيءَ وقت ئي اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو. پوءِ عروعير، جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي، جابلو علائقي جِلعاد جو ڏاکڻو اڌ حصو ۽ انهيءَ جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا.


منسيءَ جو اولاد يائير، جسُورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين ارجُوب جو سڄو علائقو ورتو. هن بسن جي ڪجھہ ڳوٺن کي پنهنجي نالي سان ”يائير جا ڳوٺ“ ڪري سڏيو، جيڪو نالو اڄ تائين هليو اچي.


انهيءَ وقت ئي اسان هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا، ڪوبہ اهڙو شهر باقي نہ بچيو جيڪو اسان هٿ نہ ڪيو. اهڙيءَ طرح ارجُوب جو سڄو علائقو، جيڪو بسن ۾ عوج جي بادشاهت ۾ شامل هو ۽ جنهن ۾ سٺ شهر هئا سو اسان جي قبضي ۾ آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ