Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 29:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اسان انهن جو ملڪ هٿ ڪري، اهو بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ اسان انهن جو ملڪ ورتو، ۽ اهو بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنوسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 29:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جو خيال ڪجانءِ. انهيءَ جي واٽ تي هلجانءِ. سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪجانءِ، جيڪي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهن، انهيءَ لاءِ تہ جيئن جيڪي بہ تون ڪرين ۽ جيڏانهن بہ تون وڃين، ڪاميابي حاصل ڪرين.


هن انهن جا ملڪ بني اسرائيل کي عطا ڪيا. هائو، هن پنهنجي انهيءَ قوم کي اهي ميراث ڪري ڏنا.


اسين هٿيار ٻڌي خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ پرينءَ ڀر ڪنعان جي ملڪ ۾ جنگ تي وينداسين پر ملڪيت اسان کي اردن درياءَ جي هِن ڀر ئي ملي.“


تڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جا ملڪ شهرن ۽ ٻهراڙيءَ سميت جد ۽ روبن قبيلن ۽ يوسف جي پٽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏيئي ڇڏيا.


تنهنڪري خداوند اوهان جي خدا اوهان کي جيڪو حڪم ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو ۽ گمراهہ نہ ٿجو.


جنهن رستي جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي قبضي ۾ ايندو تنهن ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو.“


تون رڳو مضبوط ۽ تمام همت وارو ٿيءُ. ان سڄيءَ شريعت تي ڌيان سان عمل ڪر جيڪا مون پنهنجي ٻانهي موسيٰ معرفت ڏني. انهيءَ کان ذرو بہ ساڄي يا کاٻي پاسي نہ ڦر، تہ جيئن جيڏانهن بہ تون وڃين تيڏانهن ڪامياب ٿئين.


اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان لهڻ نہ گھرجي. رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪندو رهہ ۽ جيڪي منجھس لکيل آهي تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪر. تڏهن ئي تون خوشحال ۽ ڪامياب ٿيندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ