Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 29:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ جڏهن اوهين هن جاءِ تي آيا، تڏهن حشبون جو بادشاهہ سيحون ۽ بسن جو بادشاهہ عوج اسان جي خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيا، پر اسان انهن کي شڪست ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 جڏهن اوهين هن هنڌ آيا، تڏهن حسبون جو بادشاهہ سيحون، ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، اسان جي برخلاف جنگ ڪرڻ آيا، ۽ اسان انهن کي ماريو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 29:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موآب مان لنگھي وڃڻ کان پوءِ خداوند اسان کي فرمايو تہ ’هاڻي اوهين اُٿي روانا ٿيو ۽ برساتي نهر ارنون مان لنگھي پار وڃو. ياد رکو، مون حشبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي سندس ملڪ سميت اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اوهين انهيءَ جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪريو ۽ ساڻس جنگ ڪريو.


پر خداوند اسان جي خدا کيس اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اسان هن کي، سندس پٽن کي ۽ سندس سڀني ماڻهن کي ماري ڇڏيو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو انهيءَ وقت ئي اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو. پوءِ عروعير، جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي، جابلو علائقي جِلعاد جو ڏاکڻو اڌ حصو ۽ انهيءَ جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا.


جِلعاد جو باقي حصو ۽ سڄو بسن، جيڪو عوج جي بادشاهت ۾ هو، سو مون منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏنو.“ بسن ۾ ارجُوب جي سڄي علائقي کي رفائين جو ملڪ بہ سڏيندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ