3 اهي وڏيون آزمائشون، هيبتناڪ ڪم ۽ وڏا معجزا اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺا.
3 يعني اهي وڏيون آزمائشون، ۽ نشان، ۽ وڏا معجزا جي تنهنجين اکين ڏٺا:
انهيءَ هوندي بہ ماڻهن جون دليون سندن ابن ڏاڏن جي خدا ڏانهن مائل نہ ٿيون ۽ نہ وري غير معبودن جا پوڄا گھر ڊهرايا ويا.
اي يسعياہ! تون هن قوم کي منهنجو پيغام ٻڌائڻ سان سندن دماغن کي تالو هڻ، هنن جا ڪن گھٻرا ڪر ۽ سندن اکيون بند ڪر، نہ تہ متان هو پنهنجي اکين سان ڏسن ۽ ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہتائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“
’اي بيعقل ۽ نادانؤ! اوهين جيڪي اکين جي هوندي بہ ڏسو نہ ٿا ۽ ڪنن جي هوندي بہ ٻڌو نہ ٿا، اوهين هيءَ ڳالهہ ڪن ڏيئي ٻڌو.
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون اهڙي جلاوطن ٿيل باغي قوم جي وچ ۾ ٿو رهين، جن کي اکيون تہ آهن پر اهي منهنجا ڪم ڏسن ڪونہ ٿا، کين ڪن تہ آهن پر اهي منهنجو پيغام ٻڌن ڪونہ ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي آهن.
موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گھرائي کين چيو تہ ”خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهان جي اکين اڳيان فرعون، سندس سڀني عملدارن ۽ سندس سڄي ملڪ سان جيڪي ڪجھہ ڪيو سو اوهان پاڻ ڏٺو.