Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 29:2 - Muslim Sindhi Bible

2 موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گھرائي کين چيو تہ ”خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهان جي اکين اڳيان فرعون، سندس سڀني عملدارن ۽ سندس سڄي ملڪ سان جيڪي ڪجھہ ڪيو سو اوهان پاڻ ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 موسيٰ سڀني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ جيڪي خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهانجين اکين اڳيان، فرعون سان، ۽ سندس سڀني نوڪرن سان، ۽ سندس سڄي ملڪ سان ڪيو، سو سڀ اوهان ڏٺو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 29:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

’اوهان ڏٺو تہ مون خداوند مصرين سان ڇا ڇا ڪيو. جيئن ڪو عقاب پنهنجي ٻچي کي پرن تي کڻندو آهي، تيئن اوهان کي اتان کڻي پاڻ وٽ آندو اٿم.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽان هليا ويا. موسيٰ وڃي انهن ڏيڏرن کي هٽائڻ لاءِ خداوند کان دعا گھري، جيڪي خداوند فرعون تي موڪليا هئا.


اوهان جي نظر تہ گھڻين ئي شين تي پوي ٿي، پر اوهين انهن کي سمجھڻ نہ ٿا چاهيو. اوهان جا ڪن تہ بلڪل کُليل آهن، پر اوهين ڪنهن ڳالهہ تي ڌيان ڏيڻ نہ ٿا چاهيو.


خداوند اوهان جو خدا، جيڪو اوهان جي رهنمائي ٿو ڪري سو پاڻ اوهان جي پاران ائين ئي جنگ ڪندو جيئن هن اوهان جي اکين اڳيان مصر ۾ ڪئي هئي.


خداوند جيڪي بہ وڏا وڏا ڪم ڪيا، سي سڀ اوهان پنهنجي اکين سان ئي ڏٺا.“


هي اهي ڳالهيون آهن جيڪي خداوند موآب جي ميدان ۾ بني اسرائيل سان عهد ٻڌڻ لاءِ موسيٰ کي فرمايون. هي عهد انهيءَ عهد جو وڌيڪ حصو آهي، جيڪو هن سينا جبل وٽ بني اسرائيل سان ٻڌو هو.


اهي وڏيون آزمائشون، هيبتناڪ ڪم ۽ وڏا معجزا اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺا.


اهو خداوند اسان جو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي غلاميءَ جي گھر يعني مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ اسان جي سامهون وڏا وڏا معجزا ڪيائين. هن سڄي سفر دوران ۽ جن قومن مان ٿي لنگھياسين تن منجھہ اسان جي حفاظت ڪئي.


اوهين رڳو ايترو ڪريو جو خداوند کان ڊڄندا رهو ۽ دل وَ جان سان ۽ سچائيءَ سان سندس عبادت ڪريو. ويچار ڪري ڏسو تہ هن اوهان جي لاءِ ڪيڏا نہ وڏا ڪم ڪيا آهن!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ