Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 29:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي اهي ڳالهيون آهن جيڪي خداوند موآب جي ميدان ۾ بني اسرائيل سان عهد ٻڌڻ لاءِ موسيٰ کي فرمايون. هي عهد انهيءَ عهد جو وڌيڪ حصو آهي، جيڪو هن سينا جبل وٽ بني اسرائيل سان ٻڌو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 حورب ۾ خداوند جيڪو عهدنامو بني اسرائيل سان ڪيو هو، تنهن کان سواءِ موآب جي ملڪ ۾ انهن سان جيڪو عهد ڪرڻ لاءِ هن موسيٰ کي فرمايو، تنهن جون ڳالهيون هن ريت آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 29:1
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ ٿنڀي جي ڀرسان ٿي بيٺو ۽ خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد اقرار ڪيائين تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي پوريءَ دل سان مڃينداسين، يعني عهدنامي جون ڳالهيون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“ پوءِ سڀني ماڻهن انهيءَ عهدنامي جو قسم تي اقرار ڪيو.


هنن مصري ماڻهن منجھہ خداوند جا معجزا ڏيکاريا، هائو، سندن ملڪ ۾ عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريائون.


خداوند مون کي وري فرمايو تہ ”هنن سڀني ڳالهين جو يروشلم جي گھٽين ۾ بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ اعلان ڪر ۽ کين چئُہ تہ ’اوهين هن عهد جي ڳالهين تي ڌيان ڏيو ۽ انهن تي عمل ڪريو.


اهو عهد انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو، جڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندي کين مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. هنن اهو عهد ٽوڙي ڇڏيو هو، توڙي جو آءٌ سندن مالڪ هئس.


يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي سڀني اڳواڻن منهنجي اڳيان درٻاري عملدارن ۽ ڪاهنن سميت هڪ عهد ڪيو هو، جڏهن هو گابو ڪهي ٻہ ٽڪر ڪري انهن جي وچان لنگھي ويا هئا. پر هاڻي هنن اهو عهد ٽوڙيو آهي ۽ ان عهد جي ڳالهين تي قائم نہ رهيا آهن. سو آءٌ هنن سان بہ ائين ئي ڪندس جيئن ان گابي سان ڪيو ويو.


هي ئي اهي حڪم ۽ قاعدا قانون آهن، جيڪي خداوند پنهنجي ۽ بني اسرائيل جي وچ ۾ سينا جبل تي موسيٰ جي وسيلي مقرر ڪيا.


اِهي ئي آهن اهي حڪم، جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ سينا جبل تي موسيٰ کي ڏنا.


اوهين انهن نبين جا وارث ۽ انهيءَ عهد جا شريڪ آهيو جيڪو خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، جيئن هن ابراهيم کي چيو تہ ’تنهنجي اولاد جي وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملندي.‘


هن ڪتاب ۾ اهي ڳالهيون بيان ڪيل آهن جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي ان وقت چيون، جڏهن اهي اردن درياءَ جي اوڀر طرف اردن ماٿريءَ ۾ سوف جي سامهون هئا ۽ انهن جي هڪ پاسي فاران شهر هو تہ ٻئي پاسي طوفل، لابن، حصيرات ۽ ديذهب شهر هئا.


خداوند اوهان کي ٻيڙين ۾ چاڙهي انهيءَ رستي کان مصر ۾ موٽائي آڻيندو، جنهن رستي بابت مون اوهان کي چيو هو تہ اهو وري نہ ڏسجو. اُتي اوهين پنهنجن دشمنن وٽ پاڻ کي غلام ۽ ٻانهيون ڪري وڪڻندا، پر ڪوبہ اوهان کي خريد نہ ڪندو.“


اوهين هتي انهيءَ لاءِ بيٺا آهيو تہ جيئن خداوند اوهان جو خدا اڄوڪي ڏينهن اوهان سان جيڪو عهد ڪري ٿو ۽ قسم کڻي ٿو، تنهن ۾ اوهين شامل ٿيو


موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گھرائي کين چيو تہ ”خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهان جي اکين اڳيان فرعون، سندس سڀني عملدارن ۽ سندس سڄي ملڪ سان جيڪي ڪجھہ ڪيو سو اوهان پاڻ ڏٺو.


عهد جون سڀ لعنتون جيڪي شريعت جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن موجب سزا ڏيڻ لاءِ خداوند انهيءَ کي بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ڪڍي ڌار ڪندو.


تنهن تي ماڻهو وراڻيندا تہ ’انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عهد کي ڇڏي ڏنو هو، جيڪو هن کين مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍڻ وقت ساڻن ٻڌو هو.


خاص ڪري انهيءَ ڏينهن واريون ڳالهيون کين سيکارجو، جنهن ڏينهن اوهين سينا جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا هئا. ان وقت خداوند مون کي فرمايو هو تہ ’بني اسرائيل قوم کي منهنجي اڳيان آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو فرمان ٻڌايان، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي سڄي حياتي جيستائين هو زمين تي جيئرا رهن تيستائين مون کان ڊڄڻ سکن ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ اهو سيکارين.‘


هن پنهنجو عهد، جيڪو سندس ڏهن حڪمن جي پوري ڪرڻ تي ٻڌل هو، سو اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهن حڪمن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد پڻ ڪيو. هن اهي حڪم پٿر جي ٻن تختين تي بہ لکيا.


تنهنڪري اوهين خبردار ٿجو، متان اهو عهد جيڪو خداوند اوهان جي خدا اوهان سان ٻڌو آهي، سو وساري ڇڏيو ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي نموني واري شڪل ٺاهيو، جنهن جي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي منع ڪئي آهي.


اهو انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان انهيءَ ڏينهن ٻڌو، جڏهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جھليو هئم. اهي منهنجي انهيءَ عهد تي قائم نہ رهيا، تنهنڪري مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو.


اوهين رڳو ايترو ڪريو جو خداوند کان ڊڄندا رهو ۽ دل وَ جان سان ۽ سچائيءَ سان سندس عبادت ڪريو. ويچار ڪري ڏسو تہ هن اوهان جي لاءِ ڪيڏا نہ وڏا ڪم ڪيا آهن!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ