Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 28:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اوهان جا دشمن جيڪي اوهان تي اچي حملو ڪندا، تن کي خداوند اوهان جي اڳيان شڪست ڏيندو. اهي هڪڙي رستي کان اوهان تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان اوهان جي اڳيان وٺي ڀڄندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 جيڪي تنهنجا دشمن تو تي ڪاهي ايندا، تن کي خداوند تنهنجي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: اهي هڪڙي رستي کان توتي ڪاهي ايندا، ۽ ستن رستن کان تنهنجي اڳيان ڀڄي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 28:7
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو شام جو منهن انڌاري مهل ارامين جي خيمي‌گاهہ ڏانهن وڃڻ لاءِ اٿيا. جڏهن هو خيمي‌گاهہ وٽ پهتا تہ ڇا ڏسن تہ ڪوبہ ماڻهو اتي ڪونهي.


هاڻي جيتوڻيڪ يهوسفط يروشلم ۾ پئي رهيو، تڏهن بہ هو اڪثر ڪري ڏکڻ ۾ بيرسبع کان وٺي اتر ۾ افرائيم جي جابلو علائقي تائين پنهنجي رعيت وارن وٽ ويندو رهيو ۽ خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا ڏانهن وري کين موٽائي آندائين.


هائو، مون کين اهڙو چڪناچور ڪيو جو اهي اُٿي ئي نہ سگھيا، بلڪ سندن لاش اچي منهنجي پيرن ۾ ڪريا.


بلڪ آءٌ سندس دشمنن کي سندس روبرو چيڀاٽي ڇڏيندس. هائو، جيڪي ساڻس عداوت ٿا رکن تن کي آءٌ ماري وجھندس.


خداوند اوهان جي دشمنن کي اوهان مٿان فتح ڏيندو. اوهين هڪڙي رستي کان هنن تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان وٺي ڀڄندا. دنيا جي سڀني قومن کي اهو ڏسي هيبت وٺي ويندي تہ اوهان سان ڇا ٿو ٿئي.


اوهين پنهنجي هر ڪم ۾ برڪت وارا ٿيندا.


خداوند جي حڪم سان اوهان جي گودامن ۾ ۽ جن بہ ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ برڪت پوندي. جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ هو اوهان کي برڪت عطا ڪندو.


خداوند، تنهنجو محافظ جيڪڏهن تو کي ڇڏي نہ ڏي ها، هائو، جيڪڏهن هو تو کي ٻين جي حوالي نہ ڪري ها، تہ پوءِ ڪيئن تنهنجي هڪ هزار جي پٺيان هڪڙو ڄڻو پوي ها، ۽ ڪيئن تنهنجي ڏهن هزارن کي ٻہ ڄڻا ڀڄائي ڪڍن ها؟


اهي سڀ بادشاهہ ۽ انهن جا علائقا، يشوع هڪڙي ئي ڦيري ۾ قبضي ڪيا، ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهن پاران وڙهيو پئي.


اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي ڀڄائي سگھي ٿو، ڇوجو خداوند اوهان جو خدا اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي.


جيڪي بني اسرائيل شهر ۾ هئا سي پڻ جنگ ڪرڻ لاءِ شهر مان نڪري پيا، اهڙيءَ طرح عئي شهر جا ماڻهو بني اسرائيل جي وچ ۾ ڦاسي پيا. بني اسرائيل جي ماڻهن انهن سڀني کي ماري ڇڏيو. انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو ۽ نہ ئي وري ڪو ڀڄي نڪتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ