Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 28:60 - Muslim Sindhi Bible

60 هو اوهان تي مصر واريون سموريون وبائون موڪليندو جن کان اوهين ڊڄندا هئا. اهي اوهان کي چهٽي پونديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

60 ۽ هو وري توتي بہ مصر جا خراب مرض موڪليندو، جن کان تون ڊڄندو هئين؛ ۽ اهي توکي چهٽي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 28:60
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“


هن دفعي آءٌ نہ رڳو تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت تي، بلڪ تنهنجي مٿان بہ تمام گھڻيون مصيبتون موڪليندس، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ سڄي دنيا ۾ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


مون اوهان ۾ وبا موڪلي، جهڙيءَ طرح مصر ۾ موڪلي هئم. اوهان جي جوانن کي جنگ ۾ تلوار سان قتل ڪرايم، اوهان جا گھوڙا اوهان کان کسيم، ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ ۾ لاشن جي بدبوءِ اوهان جي ناسن تائين آندم. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


خداوند اوهان کي مصرين جيان ڦرڙين سان ۽ بواسير، ڏڍ ۽ خارش سان سٽي وجھندو. اوهين انهن مان ڪڏهن بہ ڇٽي ڪين سگھندا.


تہ پوءِ خداوند اوهان تي عجيب آفتون نازل ڪندو ۽ اوهان جي اولاد جي آفتن کي وڌائي وڏيون ۽ گھڻن ڏينهن تائين رهندڙ آفتون ۽ گنديون ۽ ڊگھيون بيماريون ڪري ڇڏيندو.


خداوند هر قسم جي بيماري اوهان کان دور ڪندو. مصر جا اُهي سڀ خوفناڪ مرض جن جي اوهان کي خبر آهي، تن مان ڪوبہ مرض هو اوهان تي ڪين موڪليندو، بلڪ انهن کي اوهان جي دشمنن تي موڪليندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ