Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 28:54 - Muslim Sindhi Bible

54 جيڪو ماڻهو اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندو، تنهن جي بہ پنهنجي ڀاءُ، پنهنجي پياري زال ۽ پنهنجي باقي بچيل ٻارن ڏانهن نيت خراب هوندي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

54 ۽ جيڪو ماڻهو اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندو، تنهن جي بہ پنهنجي ڀاءُ ڏانهن، ۽ پنهنجيءَ دل گهري زال ڏانهن، ۽ جيڪي ٻار باقي بچيا هوندس، تن ڏانهن خراب نيت ٿيندي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 28:54
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر غريب ماڻهوءَ وٽ ڪجھہ بہ ڪين هو، سواءِ هڪڙي ننڍي رڍ جي، جيڪا هن خريد ڪري پالي هئي. اها رڍ ساڻس ۽ سندس ٻارن سان گڏ رهي وڏي ٿي هئي. اها ساڻس گڏ هڪڙي ئي ٿانوَ مان کائيندي ۽ پيئندي هئي ۽ سمهندي بہ سندس هنج ۾ هئي. اها هن کي ڌيءَ وانگر هوندي هئي.


جيئن ڪو پيءُ پنهنجي ٻارن جي مٿان ڪهل ڪري ٿو، تيئن ئي خداوند انهن تي ڪهل ڪري ٿو، جيڪي سندس خوف رکن ٿا.


اوهين ڪنهن ڪنجوس ماڻهوءَ جي ماني نہ کائو، هائو، سندس لذيذ طعامن جي خواهش نہ ڪريو.


خودغرض ماڻهو جلدي شاهوڪار ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، پر کين خبر ئي نہ ٿي پوي تہ مفلسي مٿن ڪڙڪڻ واري آهي.


سو خداوند وراڻيو تہ ”ڇا ائين ٿي سگھي ٿو تہ ڪا ماءُ پنهنجي کيرپياڪ ٻار کي وساري ڇڏي، ۽ پنهنجي پيٽان ڄڻيل ٻچي تي ترس نہ کائي؟ توڙي جو ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي وساري بہ ڇڏي، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي ڪڏهن ڪين وساريندس.


سو اي بني اسرائيل! اوهين ڪنهن تي بہ اعتبار نہ ڪريو، توڙي جو اهو اوهان جو بهترين دوست ئي ڇو نہ هجي. اوهين هر ڳالهہ بيحد احتياط سان ڪريو، توڙي جو پنهنجي پياري زال سان ئي ڇو نہ ڳالهايو.


پر آخر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا سٺن ڪپڙن واري ڪنهن ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا سي بادشاهن جي محلن ۾ هوندا آهن.


ڇا مون کي اهو حق نہ آهي جو پنهنجي پئسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ منهنجي سخاوت تي تو کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟‘“


جيڪڏهن اوهان جو سڳو ڀاءُ، پٽ، ڌيءَ، دلگھُري زال يا اوهان جو جاني دوست اوهان کي ڳجھيءَ طرح لالچائي اهڙن معبودن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي، جن جي اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هئي،


خبردار، متان اوهان جي دل ۾ اهڙو بد خيال پيدا ٿئي تہ ستون سال، يعني معافيءَ وارو سال ويجھو آهي، سو اوهان جي نيت اوهان جي غريب هم‌قوم ڏانهن خراب ٿئي ۽ اوهين کيس ڪجھہ بہ نہ ڏيو. پوءِ هو اوهان جي خلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري ۽ اوهان جي لاءِ اهو گناهہ قرار ڏنو وڃي.


انهيءَ گھيري ۾ اوهان جا دشمن اوهان کي اهڙو تہ ڦاسائيندا، جو اوهين تنگ اچي پاڻ پنهنجي اولاد يعني پٽ ۽ ڌيئر جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏنيون آهن، تن جو ماس کائيندا.


جو جڏهن هو پنهنجي ڪنهن ٻار جو ماس کائيندو هوندو، تڏهن ان منجھان ذرو بہ انهن کي ڪين ڏيندو، ڇو تہ وٽس ٻيو ڪجھہ باقي بچندو ئي ڪونہ. اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو اوهان جا دشمن اوهان جي سڀني شهرن ۾ اوهان کي گھيرو ڪري ڦاسائيندا ۽ اوهين ايترو تنگ اچي ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ