Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 28:53 - Muslim Sindhi Bible

53 انهيءَ گھيري ۾ اوهان جا دشمن اوهان کي اهڙو تہ ڦاسائيندا، جو اوهين تنگ اچي پاڻ پنهنجي اولاد يعني پٽ ۽ ڌيئر جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏنيون آهن، تن جو ماس کائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

53 ۽ انهي گهيري ۾ تنهنجا دشمن توکي اهڙو ڦاسائيندا، جو تون خود پنهنجي اولاد جو، يعني جيڪي پٽ ۽ ڌيون خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنيون آهن، تن جو ماس کائيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 28:53
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوهان جي هن شهر تي اوهان جا جاني دشمن موڪليندس جن جي گھيري ۾ تنگ اچي اوهان بک وچان هڪٻئي جو بلڪ پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جو بہ گوشت کائيندا.‘


يروشلم جي وسندي دانهون ڪندي چوي ٿي تہ ”اي خداوند! غور ويچار ڪري ڏس تہ تو اڳ بہ ڪنهن تي اهڙو عذاب نازل ڪيو آهي؟ ايتري قدر جو مائرون پنهنجي پيارن ٻارڙن جا لاش پيون کائين، ۽ ڪاهن توڙي نبي تنهنجي پنهنجي هيڪل ۾ قتل ڪيا پيا وڃن.


منهنجي قوم تي آيل مصيبت ماڻهن ۾ اهڙي تہ وحشت وجھي ڇڏي، جو مامتا رکندڙ عورتن بہ پنهنجي ٻارڙن کي پنهنجن هٿن سان اوٻاري خوراڪ ٿي بڻايو.


هائو، آءٌ يروشلم شهر ۾ اهڙي تہ بک وجھندس جو والدين پنهنجي ٻارن کي کائيندا ۽ ٻار پنهنجي والدين کي. جيڪي انهيءَ سزا کان بچي ويندا، تن سڀني کي آءٌ چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس.


اوهان جي بک ايتري تہ وڌي ويندي جو اوهين پنهنجي پٽن توڙي ڌيئرن جو بہ ماس کائيندا.


انهن ڏينهن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.


اوهان جي اولاد تي، ٻنيءَ جي پيداوار تي ۽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڌڻن تي لعنت پوندي.


جيڪو ماڻهو اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندو، تنهن جي بہ پنهنجي ڀاءُ، پنهنجي پياري زال ۽ پنهنجي باقي بچيل ٻارن ڏانهن نيت خراب هوندي،


جو جڏهن هو پنهنجي ڪنهن ٻار جو ماس کائيندو هوندو، تڏهن ان منجھان ذرو بہ انهن کي ڪين ڏيندو، ڇو تہ وٽس ٻيو ڪجھہ باقي بچندو ئي ڪونہ. اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو اوهان جا دشمن اوهان جي سڀني شهرن ۾ اوهان کي گھيرو ڪري ڦاسائيندا ۽ اوهين ايترو تنگ اچي ويندا.


جو ڪابہ شيءِ نہ هئڻ ڪري هوءَ پنهنجي ئي تازي ڄڻيل ٻار ۽ سندس اَورَ کي انهن کان لڪائي کائي ويندي. اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو اوهان جا دشمن اوهان جي سڀني شهرن ۾ اوهان کي گھيرو ڪري ڦاسائيندا ۽ اوهين ايترو تنگ اچي ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ