Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 28:41 - Muslim Sindhi Bible

41 اوهين پٽ ۽ ڌيئر ڄڻيندا، پر اهي اوهان جا ڪين ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي باندي ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 تون پٽ ۽ ڌيون ڄڻيندين، پر اهي تنهنجا ڪين ٿيندا؛ ڇالاءِ جو اهي قيدي ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 28:41
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو انهن سڀني يروشلم وارن کي قيدي بڻائي وٺي ويو، جن ۾ سڀ عملدار، سالار، ڪاريگر ۽ هنرمند، جملي ڏهہ هزار ڄڻا هئا. ملڪ جا رڳو غريب ترين ماڻهو ئي يهوداہ ۾ ڇڏيا ويا.


اسرائيل وارا پنهنجي هم‌قوم يهوداہ وارن مان ٻہ لک عورتون ۽ ٻار قيد ڪري وٺي ويا. هنن لٽ جو مال بہ گھڻو ئي هٿ ڪيو جيڪو هو سامريہ شهر ڏانهن کڻي آيا.


انهن جو پورهيو اجايو نہ ويندو، نڪي سندن اولاد تي ڪا موتمار آفت ايندي. آءٌ خداوند انهن تي ۽ سندن نسل تي برڪتون نازل ڪندو رهندس.


تنهن هوندي بہ خداوند عادل آهي. مون ئي سندس حڪمن جي نافرماني ڪئي هئي، جنهن جي مون کي سزا ملي رهي آهي. هاڻي اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! منهنجي ٻڌو ۽ منهنجي مصيبتن تي غور ڪريو. منهنجيون ڪنواريون ڇوڪريون توڙي جوان مرد قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويا آهن.


دشمن هاڻي شهر تي حڪمران آهن، ۽ اهي امن وَ سلامتيءَ سان پيا گذارين. بيشڪ يروشلم جي گھڻن گناهن سبب، خداوند انهيءَ کي سزا ڏني آهي. شهر جي رهاڪن کي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيو ويو آهي.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي محل جي داروغي اسپنز کي حڪم ڏنو تہ ”پڪڙي آندل بني اسرائيل منجھان سندن شاهي نسل ۽ اميرن جا ڪي نوجوان وڃي چونڊي ڪڍ.


اي يروشلم جي پياري وسندي! جيئن ماڻهو ڏک جو اظهار ڪرڻ خاطر پنهنجا مٿا ڪوڙائي ڳجھہ وانگر بلڪل گنجا ٿين ٿا، تيئن تون بہ پنهنجي ملڪ جي رهاڪن لاءِ روڄ راڙو ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي تو کان کسي جلاوطن ڪيا ويندا.


اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئر ٻيءَ قوم جي حوالي ڪيون وينديون. اوهانجيون اکيون سڄو ڏينهن انهن جي واٽ نهاريندي ٿڪجي پونديون ۽ اوهان جو ڪوبہ وس ڪونہ پڄندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ