34 ايتري قدر جو اوهين پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي چريا ٿي پوندا.
34 ايتري قدر جو تون پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي چريو ٿي پوندين:
ياد رک، ان جي شڪار جي اميد اجائي آهي، ڇاڪاڻ تہ ان کي ڏسڻ شرط ماڻهو ڦهڪو ڪري ڪري پوندو.
صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“
تڏهن اتي ربلہ شهر ۾ صدقياہ جي پٽن کي بابل جي بادشاهہ سندس اکين اڳيان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ يهوداہ جا سڀ امير بہ مارائي ڇڏيائين.
خداوند اوهان کي چريائيءَ، انڌاپي ۽ دماغي پريشانيءَ سان سٽي وجھندو.
اوهان جي زمين جي پيداوار ۽ اوهان جي محنت جي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي، جنهن کي اوهين سڃاڻيندا بہ ڪونہ هوندا. اوهين سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندا،
خداوند اوهان جي گوڏن ۽ ٽنگن ۾ بيحد خوفناڪ ڦرڙيون ڪڍندو، بلڪ اوهين پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين انهن مان ڇٽي ڪين سگھندا.
خداوند اوهان کي ٻيڙين ۾ چاڙهي انهيءَ رستي کان مصر ۾ موٽائي آڻيندو، جنهن رستي بابت مون اوهان کي چيو هو تہ اهو وري نہ ڏسجو. اُتي اوهين پنهنجن دشمنن وٽ پاڻ کي غلام ۽ ٻانهيون ڪري وڪڻندا، پر ڪوبہ اوهان کي خريد نہ ڪندو.“